سالگرهه تي مليل تحفي پيرسن کي لکپتي بڻائي ڇڏيو

سالگرهه تي مليل تحفي پيرسن کي لکپتي بڻائي ڇڏيو

مشيگن(انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ هڪ شخص سالگرهه جي تحفي طور ۾ لاٽري ملڻ کان پوءِ لکين ڊالر جو انعام کٽيو. مشي گن جي ساگيناو ڪائونٽي جي هڪ شهري چيو ته سندس ڀيڻ کيس سندس 66 هين سالگرهه تي لاٽري تحفي ۾ ڏني. هن چيو ته هو هڪ دڪان تي روانو ٿيو، بارڪوڊ اسڪريچ ڪيو ۽ ٽڪيٽ اسڪين ڪئي، جنهن کان پوءِ کيس دعويٰ داخل ڪرڻ جو پيغام مليو. گهر پهچڻ تي هن ٽڪيٽ اسڪريچ ڪئي ۽ اهو ڏسي حيران ٿي ويو ته هن پنج لک ڊالر جو انعام کٽيو آهي. هن چيو ته انعام کٽڻ کان پوءِ، هن پنهنجي ڀيڻ کي فون ڪري خوشخبري ٻڌائي ۽ هي خبر ٻڌي وڌيڪ خوش ٿي.