| سالگرهه لاءِ آندل 36 پونڊ جو ڪيڪ ڪٽجڻ کان اڳ ئي هڙپ |
نئين دهلي(انٽريسٽنگ نيوز) سياسي اڳواڻ جي سالگرهه لاءِ آندل 36 پونڊ جو ڪيڪ ڪٽجڻ کان اڳ ئي هڙپ ٿي ويو، دلچسپ حملي جي وڊيو پڻ وائرل ٿي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست بهار ۾ سياسي جماعت راشٽريه جنتا دل اڳواڻ تيجا شوري جي سالگرهه تقريب منعقد ڪئي وئي، سياسي اڳواڻ جي 36 هين سالگرهه سبب 36 پونڊ جو ڪيڪ آندو ويو، گهٽي ۾ موجود ٻارن جي ڪيڪ تي نظر پئي ته ڊوڙندي آفيس ۾ پهچي ويا، ٻارن 36 پونڊ جو ڪيڪ انتظاميا جي سامهون 36 سيڪنڊن ۾ هڙپ ڪري ڇڏيو، ڪيڪ تي ٻارن جي حملي ۽ هڪ ٻئي سان ويڙهه جي وڊيو وائرل ٿي وئي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٻار ڪيڪ حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي کي لتون ۽ مڪون هڻي رهيا آهن جڏهن ته هڪ ٻئي سان ويڙهه دوران ڪيترن ئي ٻارن جا ڪپڙا پڻ ڦاٽي پيا. ان موقعي تي موجود ماڻهن ٻارن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي پر انهن تي ضابطو آڻي نه سگهيا. سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد هڪ صارف لکيو 36 هين سالگرهه، 36 پونڊ جو ڪيڪ 36 ٻارڙا 36 سيڪنڊن ۾ هڙپ ڪري ويا.