تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

سالگرھ ملهائڻ جي روايت ۽ ان جو تاريخي پسمنظر … مير چند اوڏ

سالگرھ جو مطلب آهي جنم ڏينهن. هي ٻن لفظن جي ميلاپ سان ٺهيل مرڪب لفظ آهي. هڪ سال معنيٰ ورهيه،گرهه معنيٰ ڳنڍ. حاصل مطلب ٿيو سال کي ڳنڍ ڏيڻ، ڇو ته زندگي جو هڪ سال ختم ٿي چڪو ۽ هاڻي ٻيو نئون سال شروع ٿيو ۽ ان کي سهڻي ۽ سٺي نموني گذارڻ جي عزم سان گڏوگڏ سال جي بهترين رٿا بندي ڪرڻ آهي. هي رسم ٻاهران آيل آهي، جيڪا ڪيترن سالن کان اسان جي سماج جو پڻ حصو بڻجي چڪي آهي ۽ اسان سال پوري ٿيڻ تي سالگرھ ملهائيندا آهيون. اسان عرس يا ورسي به ملهائيندا آهيون، جيڪا ڪنهن عزيز يا بزرگ جي وفات واري ڏينهن تي ملهائبي آهي، سالگرھ پيدا ٿيڻ واري تاريخ تي ملهائيندا آهيون ته ورسي ڪنهن شخص جي مرڻ واري تاريخ تي ملهائيندا آهيون ۽ ڪٿي ڪٿي اهو به ڏسڻ ۾ آيو آهي ته ڪنهن به اداري جي سال پوري ٿيڻ تي، اداري جي قيام واري ڏينهن تي ۽ بهترين ڪاڪردگي تي سالياڻوڏينهن پڻ ملهايو ويندو آهي، جنهن کي انگريزي ۾ Anniversary چيو ويندو آهي.ان سان گڏ شاديءَ جي سالگرھ به ملهائي ويندي آهي جنهن کي انگريزيءَ ۾ Marriage Anniversary چيو ويندو آهي.
سالگرھ مختلف تهذيبن ۾ مختلف طريقن سان ملهائي ويندي آهي اڪثر ڪري سالگرھ تي دوست، احباب ۽ مٽ مائٽ گڏ ٿيندا آهن ۽ انهن پاران سالگرھ ملهائيندڙ کي دعائن ڏيڻ سان گڏ مختلف قسمن جا تحفاپڻ پيش ڪندا آهن.ڪٿي ڪٿي ته شاندار نموني سان سالگرھ جي پارٽي جو بندوبست رکيو ويندو آهي. سالگرھ تي ميڻ بتيون ٻاري سالگرھ جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويندو آهي. زنده ماڻهن سان گڏ جهان ڇڏي ويندڙ ماڻهن جي به سالگرھ ملهائي ويندي آهي. اسان سالگرھ ملهائيندي ڏسندا پيا اچون پر ڪڏهن اسان ان ڳالهھ تي غور ويچار نه ڪيو آهي ته اسان آخر سالگرھه ڇو ملهائيندا آهيون؟ سالگرھ دوران اسان ڪيڪ ڇو ڪٽيندا آهيون؟ اسان ميڻ بتيون ڇو ٻاريندا آھيون؟ ۽ ميڻ بتيون ڇو وسائيندا آهيون؟ هر سال اسان جي زندگيءَ مان هڪ سال گهٽجي پيو ۽ اسان موت ڏانهن ويجهو ٿيندا پيا وڃون ۽ اسان موت جي فاصلي جي گهٽجڻ تي خوشيون ملهائي رهيا آهيون پر تنهن هوندي به اسان سالگرھ ملهائيندا رهندا آهيون ۽ هڪٻئي کي تحفا ۽ واڌايون پيش ڪندا رهندا آهيون.
اڪثر اسان وٽ پيدا ٿيندڙ ٻار جي عمر ڪانه لکي ويندي آهي سواءِ پڙهيل خاندانن جي. باقي گهٽ پڙهيل يا اڻ پڙهيل طبقو ٻار جي عمر بلڪل نه لکندو آهي ۽ اسڪول ۾ به ڌڪي تي عمر لکي داخلا ڏني ويندي آهي. اڳ اسڪولن ۾ طفل شماريءَ جو رجسٽر رکيل هوندو هو جنهن ۾ استاد اسڪول جي ڀرپاسي وارن ڳوٺن ۾ ڄاول ٻارن جي جنم جي تاريخ جي درست داخلا رکندو هو. اڄڪلھ پيدائش جي تاريخ ٻار جي اسڪول ۾ داخلا وقت گهٽ وڌ ڪري لکرائي وڃي ٿي ته جيئن کين سرڪاري ملازمت حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي سگهي. ڇوڪرين جي عمر ته ڄاڻي واڻي گهٽائي لکرائي ويندي آهي، سماجي رابطن جي ويب سائيٽن خاص طور فيس بڪ وغيره جي پروفائيل ۾ ڄمڻ جي تاريخ داخل ڪرڻ سان ڄمڻ جي ڏينهن تي ڏٺل اڻ ڏٺل دوستن، عزيزن ۽ مٽن مائٽن پاران سالگرھ جي ڏينهن تي جنم ڏينهن مبارڪ، جنم ڏڻ جون واڌايون ۽ سالگرھ مبارڪ، ھيپي برٿ ڊي جا نياپا اسان جي خوشين ۾ واڌارو ڪندا آهن ۽ ڪارڊ، گلدستا ۽ ڪيڪ به موڪليا ويندا آهن. هي خوشين ونڊڻ جو سستو ۽ سولو ذريعو آهي. اهڙي چاهت ۽ محبت اسان پنهنجي لاءِ آب حيات مثل ڀانيون ٿا. سالگرھ يا جنم ڏينهن ملهائڻ جي حوالي سان ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته هي مغربي تهذيب جي انڌي تقليد آهي.
تاريخي طور ڏسجي ته سالگرھ ملهائڻ جو رواج اسان کي قبل مسيح کان اڳ ملي ٿو. يونان ۽ روم جي قديم تهذيب ۾ اهو تصور هوندو هو ته سمورا روح پنهنجي ڄمڻ واري ڏينهن يعني سالگرھ تي زمين تي واپس موٽي اچن ٿا ۽ ان ڪري انهن روحن جي پوڄا جو خاص بندوبست ڪيو ويندو هو. ساڳئي وقت مصري تهذيب ۾ ديوتائن جي پوڄا انهن جي ڄمڻ جي ڏينهن تي ڪئي ويندي هئي. آمريڪي انسائيڪلوپيڊيا مطابق قديم ديوتا پرست تهذيبن ۾ ديوتائن جي سالگرھ جو بندوبست ڪيو ويندو هو ۽ ان ڏينهن تي خاص طور تي پوڄا پاٺ ڪئي ويندي هئي. قديم رومي تھذيب جي ماڻهن سڀ کان عام ماڻهو جي سالگرھ ملهائڻ شروع ڪئي جيڪا مردن جي سالگرھ ملهائي ويندي هئي . عورتن جي سالگرھ ملهائڻ جو رواج 12هين عيسوي صديءَ کان پوءِ شروع ٿيو. ڪيترائي مذهب پنهنجي بانيڪارن جي پيدائش جي ڏينهن کي سالگرھ طور ملهائيندا آهن. عيسائي مذهب جي عقيدي رکڻ وارا ماڻهو حضرت عيسيٰ عليه السلام جي سالگرھ 25 ڊسمبر تي ڪرسمرس جي موقعي تي پوري دنيا ۾ ملهائيندا آهن. حضرت عيسيٰ عليه السلام جي سالگرھ چوٿين عيسوي صدي کان ملهائجڻ شروع ٿي. قبل مسيح کان اڳ روم ۾ 25 ڊسمبر تي سورج ديوتا ”سيٽرن“ جي پرستش جي ڏڻ طور ملهايو ويندو هو. سالگره جون مبارڪون ڏيڻ ۽ وصول ڪرڻ جو رواج به عيسائين کان شروع ٿيو. انهن کي ڏسندي مسلمانن ۾ به عيد ميلاد النبي ملهائڻ جو رواج شروع ٿيو . ٻڌ مت جي عقيدي سان تعلق رکندڙ ٻڌ پورڻيما ملهائيندا آهن، جنهن کي ويساک پورڻيما ۽ ٻڌ جينتي به چوندا آهن. ٻڌ مت جو هي ڏڻ گوتم ٻڌ جي پيدائش، نرواڻ ۽ پري نرواڻ طور هر سال مئي مهيني ۾ ملهايو ويندو آهي. هندو ڌرم جي عقيدي موجب هندن جي اوتار شري رامچندر جو جنم ڏينهن رام نومي طور ملهايو ويندو آهي. ڪرشن ڀگوان جو جنم ڏينهن جنم اشٽمي جي نالي سان ملهايو ويندو آهي، جنم اشٽمي سانوڻ مهيني ۾ ٿڌڙي ڏڻ جي ٻئي ڏينهن تي ملهايو ويندو آهي. جنم اشٽمي کي گوڪلا اشٽمي، ڪرشنا جيئنتي به چوندا آهن، جڏهن ته ٿر جا هندو ڪانهوڙو سڏيندا آهن. جڏهن ته ايشيا کنڊ ۾ سالگرھ ملهائڻ جو رواج ۽ شروعات انگريزن جي اچڻ سان هندن ۽ مسلمانن ۾ عام ٿيو.
ڪيڪ ڪٽڻ جي شروعات:
ڪنهن به سالگرھ ۾ جيڪڏهن ڪيڪ نه ڪٽيو وڃي ته ان کي سالگرھ ئي تصور نه ڪيو ويندو. سالگرھ ۾ ڪيڪ ڪٽڻ کي اهم حيثيت حاصل آهي تاريخي طور اسان ڏسنداسين ته پندرهين صديءَ ڌاري سڀ کان پهرين جرمني جا ماڻهو پنهنجي ٻارن جي سالگرھ ڪيڪ ڪٽڻ سان ملهائيندا هئا جنهن کي”ڪنڊر فيسٽ“ جي نالي سان سڏيندا هئا جيڪو ٻن لفظن جو مرڪب آهي. ڪنڊر جو مطلب ۽ فيسٽي جو مطلب ڏڻ يا پارٽي آهي. شروعات ۾ ڪيڪ ماني وانگر گول ۽ ٿلهو هوندو هو جنهن کي”جبرٽسٽا گورٽن“ چيو ويندو هو. وقت سان گڏوگڏ ان ڪيڪ ۾ مٺاڻ کي به شامل ڪيو ويو. 17هين عيسوي صدي ۾ ڪيڪ کي گلن وغيره سان سينگاريو ۽ سجايو ويو ۽ ڪيڪ مهانگا هئڻ خريد ڪرڻ جي قوت فقط امير ماڻهن وٽ هئي. 18هين عيسوي صدي ۾ ڪيڪ ٺاهڻ جو سامان سستو ٿيڻ لڳو ۽ ڪيڪ جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي ۽ ڪيڪ ٺاهڻ ۾ اضافو ٿيڻ لڳو.
ڪيڪ تي ميڻ بتي لڳائڻ جو رواج:
وقت سان گڏوگڏ سالگرھ ملهائڻ ۾ نواڻ ايندي رهي جنهن ۾ ڪيڪ تي ميڻ بتيون لڳايون ويون ۽ ڪيڪ ڪٽڻ وقت ميڻ بتين کي ڦوڪ ڏئي وسائجڻ لڳو ۽ جيڪو سموري دنيا ۾ سالگرھ جي باقاعده رسم جو حصو بڻجي ويو. ڪيڪ تي ميڻ بتيون لڳائڻ جي شروعات قديم يونان کان ٿي. يوناني گول ڪيڪ ٺاهي ان تي ميڻ بتيون لڳائيندا هئا اهي چنڊ جي ديوي Artimis جي عقيدي طور ايئن ڪندا هئا. يوناني تهذيب جا ماڻهو سالگرھ جي ڏينهن تي ٽيبل تي ڪيڪ رکي ميڻ بتيون ٻاريندا هئا. يونانين مطابق ڪيڪ تي لڳايل ميڻ بتيون چنڊ جي چمڪ جي نمائندگي ڪن ٿيون جڏهن ته ڪيڪ تي لڳايل ميڻ بتيون ڦوڪ ڏئي وسائڻ سان دونھون پاڻ سان دعائون کڻي آسمان ڏانهن وڃي ٿو. ٻئي طرف وري ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته ڪيڪ تي ميڻ بتيون لڳائڻ جي شروعات جرمني کان ٿي ميڻ بتين جي روشني ‘زندگي ۾ روشني’ جي عڪاسي ڪري ٿي. ان کان علاوه ڪن ماڻهن جو اهو تصور آهي ته جيڪڏهن ڪا به دل ۾ خواهش يا دعا رکي ميڻ بتيون وسايون وڃن ته ان جي خواهش يا دعا قبول پوي ٿي جيڪڏهن ميڻ بتيون وسائڻ کان اڳ ڪنهن کي خواهش يا دعا ٻڌائي وڃي ته اها پوري نه ٿيندي آهي.
سالگرھ جي موقعي تي Happy Birthday to you ڳايو ويندڙ گانو:ٻه ڀينرون پيٽي ھل ۽ ملڊريڊ جي ھل اسڪول ۾ پڙھائيندڙ استاد هيون جن هڪ گيت Good morning to all اسڪول جي استادن لاءِ 1893 ۾ لکيو، جنهن کي بعد ۾ Happy Birthday to you ۾ تبديل ڪيو ويو جيڪو سالگرھ تي ڳايو ويندو آهي.سالگرھ جي روايت مختلف دورن جو سفر طئي ڪري اڄ اسان وٽ پهتي آهي جيڪا اڄوڪي دور ۾ خوشين سان گڏ تفريح ۽ ميل ميلاپ جو موقعو فراهم ڪري ٿي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *