ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ چيو آهي ته آگسٽ 2023ع ۾ حڪومت 22 سئو 18 ارب روپيا قرض ورتو، هڪ سال ۾ حڪومت جو قرض 29 سيڪڙو وڌيو آهي
هلندڙ سال جولاءِ جي ڀيٽ ۾ آگسٽ ۾ 3 ڏهائي 6 سيڪڙو قرض وڌيڪ ورتو ويو، هڪ سال ۾ حڪومت 14 هزار 394 ارب روپين جو قرض ورتو، آگسٽ 2023ع جي آخر تائين حڪومت جو مجموعي قرض 63 هزار 966 ارب روپيا آهي
آگسٽ 2023ع تائين حڪومت جو مقامي قرض 39 هزار 792 ارب روپيا آهي، آگسٽ جي آخر ۾ حڪومت پرڏيهي قرض 24 هزار 178 ارب روپيا آهي
ٻئي طرف اسٽيٽ بئنڪ جي ترجمان وضاحتي بيان ڏيندي چيو آهي ته بئنڪون 125 سيڪڙو نفعو ڪمائي رهيون آهن، اڪائونٽ هولڊرز جو پئسو محفوظ آهي
ترجمان چيو آهي ته مضبوط فريم ورڪ هيٺ پاڪستان ۾ بئنڪاري نظام مستحڪم ۽ ڊپازٽس محفوظ آهن، بئنڪاري شعبي ۾ ڳرا جهٽڪا برداشت ڪرڻ جي اهليت وڌيڪ بهتر ٿي وئي آهي، هر ڊپازٽر کي 5 لک روپين تائين انشورنس ڪور مهيا ڪيو ويو آهي، ڪنهن بئنڪ جي ناڪامي سان ڊي پي سي وسيلي انشور ٿيل رقم ترت ڊپازٽر کي دستياب هوندي آهي