سال 2021  کان 2026 تائين 3141 جوان شهيد ٿيا: انگ اکر پيش

سال 2021  کان 2026 تائين 3141 جوان شهيد ٿيا: انگ اکر پيش

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزير دفاع خواجه محمد آصف قومي اسيمبلي ۾ گذريل پنجن سالن دوران دفاع وطن لاءِ شهيد ٿيندڙ اهلڪارن جا تفصيل پيش ڪري ڇڏيا. سال 2021ع کان 10 فيبروري 2026ع تائين 3,141 شهيد ٿيا آهن. وزير دفاع چيو ته هي قربانيون دهشتگردي خلاف قومي عزم جي علامت آهن. قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل انگن اکرن موجب ملڪ جي دفاع ۽ امن لاءِ سمورن صوبن نمايان قربانيون ڏنيون. شهيدن ۾ 170 آفيسر، 212 جونيئر ڪمشنڊ آفيسر، ۽ 2,759 جوان شامل آهن. صوبائي لحاظ کان پنجاب مان سڀ کان وڌيڪ 1,657 اهلڪار شهيد ٿيا. خيبر پختونخواهه ۾ 534 شهيدن جون قربانيون رڪارڊ ٿيون. سنڌ مان 452 اهلڪارن شهادت ماڻي. آزاد ڪشمير مان 234، گلگت بلتستان مان 161 ۽ بلوچستان مان 103 اهلڪار شهيد ٿيا. وزير دفاع چيو ته قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي قدر جي نگاه سان ڏسي ٿي ۽ انهن جي رت سان ملڪ جو امن ۽ استحڪام محفوظ بڻايو ويو آهي.