| سال 2025ع بدين واسين لاءِ ڏکيو ثابت ٿيو، مسئلا حل نه ٿيا |
بدين (رپورٽر) سال 2025 جي موڪلاڻي ٿيڻ واري آهي، گذريل سال بدين واسين لاءِ ڏاڍو ڏکيو ثابت ٿيو، رڪارڊ مهنگائي منشيات ۾ واڌ، چوريون ڦرون سرعام ھئڻ سان گڏ گئس بجلي جي لوڊشيڊنگ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ فصلن جا اگھ گهٽ هجڻ جا مسئلا درپيش رهيا. شهر جا ڪيترائي بنيادي مسئلا حل ٿيڻ بجائي رهجي ويا ۽ رهواسي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ سراپا احتجاج بڻيل رهيا. شهر جي رستن سميت ڪيترائي ترقياتي ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويا، مختلف روڊن تي تيز رفتاري سبب ڪيترن ئي معصوم ٻارڙن سميت عورتن مردن نوجوانن جون حياتيون کسي ورتيون ورتيون. سال 2026 جي آمد کي شهرين خوش آئينده قرار ڏيندي وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ايندڙ سال دوران شهري جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اهم قدم کنيا وڃن بدين جي شهرين شجاعت حسين خواجا، مرتضي مغل اقبال ابلاڻي ميمڻ ،شاھنواز سيال لياقت پروانو ،رسول بخش چانگ رسول بخش دل ماجد ميمڻ آبادگارن قادر بخش گوپانگ حيدر علي پنهور ربڏنو نوتيار ۽ ٻين ميڍيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻين مسئلن سان گڏ منشيات جو مسئلو سڄي ضلعي ۾سنگين ٿي ويو آهي. شهر سميت ٻهراڙين ۾ منشيات آئيس سفينا گهٽڪي ۾ ڪچي شراب جي واهپي ۽ ڪاروبار ۾ اضافو ٿيڻ ڪري نوجوان نشي جا عادي بڻجي ويا آئيس استعمال ڪرڻ سبب ڪيترائي نوجوان فوت ٿي ويا ته ڪجھ نوجوان نشو نه ملڻ سبب خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا پوليس تي منشيات فروشن کان منٿلي وٺن جا الزام ۽ منشيات کي هٿي وٺرائڻ جا الزام عائد ٿيندا رهيا جنهن ڪري بدين منشيات جي ڳڙ ۾ تبديل ٿي ويو بک بيروزگاري ۽ نوڪريون ۽ روزگار نه ملڻ سبب ڪيترن نوجوانن زندگي جا ڏيئا اجهائي ڇڏيا مختلف روڊن تي ڊرائيورن لاپرواهي ۽ تيز رفتاري سبب روڊ حادثن ۾ معصوم ٻارڙن سميت عورتون مرد نوجوان حياتيون ويٺا بدين جي شهرين گدزندڙ سال کي ڏکيو سال قرار ڏيندي ايندڙ سال 2026 کي خوش آئيندي قرار ڏيندي وس وارن کان گهر ڪئي آھي ته گذريل سال عوام جا بنيادي مسئلا حل ٿي نه سگهيا نئين سال ۾ جائز مسئلا حل ڪري شهر جي ترقي خوشحالي لاءِ اهم قدم کنيا وڃن.