سال 2025 تي ھڪ الوداعي نھار ….منظور هاليپوٽو

                 سال 2025 انساني تاريخ جو اهو ورق بڻجي سامهون گذري ويو، جتي جنگ، باهيون، ٻوڏون، سياسي ڇڪتاڻ ۽ انساني المين گڏجي دنيا جي نقشي کي لوڏي ڇڏيو. 2025 رڳو هڪ ڪئلينڊر جو سال نه هو، پر اهو وقت هو، جنهن ۾ دنيا هر مهيني نئين آزمائش، نئين بحران ۽ نئين سوال سان منھن ڏيندي رهي. جڏهن سال 2025 موڪلائي رھيو آھي ته پويان صرف تاريخون نه رهيون، پر تباهيون، احتجاج، جنگيون، قدرتي آفتون ۽ انساني همٿ جون ڪيتريون ڪهاڻيون به ڇڏيون ويون.

پاڪ – ڀارت جنگ: 

                 ھن سال کي جنگين جو سال چئجي تـ وڌاءُ نه ٿيندو. والاريل ڪشمير ۾ سياحن تي فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه درجن کن سياح مارجي وڃڻ بعد ڀارت بنا تصديق جي پاڪستان کي واقعي ۾ ملوث قرار ڏئي سنڌو طاس معاهدو ختم ڪيو. جواب ۾ ھندستان جون ھوائي سرحدون بند ڪرڻ سبب انڊين ايوي ايشن تي معاشي بم ڪيرائي ڇڏيو. جلد ئي انڊيا وڏي پيماني تي سڌي جنگ جي شروعات ڪري ڇڏي. پاڪستان ڀارت جا ڇھ جديد رافيل جھاز تباهه ڪيا.

* جنگبندي بعد انڊيا جي آبي دھشتگردي‚پھرين پاڻي بند بعد بنا اطلاع پاڻي ڇڏڻ سبب پنجاب کي ٻوڙي ڇڏيو.

* پاڪستان جي آرمي چيف جنرل عاصم  کي فيلڊ مارشل جو عھدو مليو ۽ سندس مدو وڌايو ويو.

* انڊيا جو چيمپيئن ٽرافي 2025 پاڪستان ۾ کيڏڻ کان انڪار بعد ھائبرڊ ماڊل پيش. انڊيا ميچون دبئي ۾ کيڏيون.

* پاڪ- ڀارت جنگ بعد ڀارت ۾ تاريخي جڳھ  لال قلعي ۾ ڌماڪو 13 ماڻهو مارجي ويا.

* آسٽريليا جي گادي ھنڌ سڊني ۾ يھودين جي تقريب تي فائرنگ. ھندستاني مسلمان انتھاپسندن تي الزام.

* آمريڪي تاريخ ۾ ٽرمپ ٻيو دفعو آمريڪا جو 47ھين صدر طور قسم کنيو. اڳوڻي آمريڪي صدر جمي ڪارٽر 29 ڊسمبر 2024 ۾ وفات  سبب آخري رسمون دير سان ادا ٿيڻ ڪري حلف برداري جي دوران آمريڪي وفاقي قانونن مطابق تاريخ ۾ پھريون دفعو جھنڊو جھڪيل رھيو ۽ تاريخ ۾ پھريون دفعو ھڪ سزا يافتا صدر ٽرمپ چونڊجي ويو.

* ٽرمپ چين انڊيا پاڪستان سميت مختلف ملڪن جي شين تي ڳرا ٽيڪس لڳايا.

* ڪيناڊا ۾ چونڊون. چوٿون ڀيرو لبرل پارٽي کي فتح.

* نيپال ۾ سوشل ميڊيا تي پاپندي سبب احتجاج. پارليامنٽ عمارت ساڙي وئي. صدر جي استعيفا. وزيراعظم فرار.

* اڳوڻي بنگالي وزيراعظم شيخ حسينا کي کي عدالت مفرور قرار ڏيڻ  سان گڏ مختلف ڪيسن ۾ عمر قيد سزائون.

* ايران اسرائيل جنگ. آمريڪا سڌو جنگ ۾ شامل. اسرائيل سان گڏجي ايران تي حملي بعد جنگبندي ڪرائي.

* غزا حماس ٺاھ. 46 ھزار فلسطيني شهيد ڪرڻ بعد آخر حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگبندي جو معاھدو ٿي ويو.

* پاڪ -افغان جنگ. افغان حڪومت جي درخواست تي جنگبندي.

* سوڊان ۾ اندروني ويڙھ سبب لکين سوڊاني دربدر ٿيا.

* آرمينا ۽ آزربائيجان وچ ۾ ترڪي جي ٽياڪڙي سان جنگبندي ٿي وئي.

* روس يوڪرين جنگ. آمريڪي صدر ۽ يوڪرين ھم منصب زريلنڪسي جي آمريڪا اوول آفيس ۾ ملاقات.

ملڪي اندروني مسئلا:

* عمران خان ۽ ساٿين کي عدالتن مان سزائن جو سلسسلو جاري رھيو.

* ملڪي تاريخ جو سڀ کان کان وڏو ڪورٽ مارشل. اڳوڻي انٽيليجنس سربراھ جنرل فيض کي چوڏھن سال قيد جي سزا.

* پي آءِ اي جو وڪرو.

* اختر مينگل جي قافلي ۾ بم ڌماڪو.

* ماھ رنگ بلوچ جون 78 ڏينھن اسلام آباد ۾ احتجاج.

* بلوچ گم ڪيل ماڻهن جي تحريڪ جو اڳواڻ ماما قدير بلوچ وفات ڪري ويو.

* بلوچستان ۾ جعفر ايڪسپريس۾ 600 مسافر يرغمال. آپريشن بعد آزاد.

* خصدار اسڪول وين تي حملو شاگرد شھيد.

* ملڪ ۾ صرف سياسي سماجي مسئلا نـ پر ٻوڏ سبب ڊينگي مليريا گڏوگڏ ملڪ جي نوي سيڪڙو ضلعن ۾ پوليو وائرس ھئڻ جي تصديق. پوليو جا نوان 38 ڪيس، جنهن مان سنڌ ۾ 9 ڪيس.

* پنجاب ۾ تاريخي ٻوڏ.

* سينٽ چونڊون پيپلز پارٽي کٽي ورتيون. اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيئرمين چونڊجي ويو.

* ڪي پي ڪي ۾ وزيراعليٰ تبديل.

* سنڌو درياھ تي ڪينال جي منظوري خلاف سنڌ ۾ عوامي سمنڊ اٿلي پيو. ٻٻرلوءِ وٽ وڪيلن جي اڳواڻي ڌرڻو. سنڌ پنجاب رستا بند. 

* مورو  ۾ ڪينالن خلاف جلوس دوران عرفان لغاري زاھد لغاري شھيد. پوليس لاش کڻي پاڻ دفن ڪرائي ڇڏيا.

*  سنڌ جو پاڻي ڪيس وڙھندڙ ماھر ادريس راجپوت وفات ڪري ويو

* قومي شاعر جو آڪاش انصاري جو گھر مان سڙيل لاش مليو.

* جڳ مشھور معاشي ماھر اڳوڻي اسٽيٽ بينڪ جي گونر شمشاد اختر جو لاڏاڻو. 

* سياستدان يوسف ٽالپر، آغا سراج لاڏاڻو ڪري ويا.

* ڪراچي لياري ۾ پراڻي پنج  ماڙ ڪري پوڻ سبب 27 ماڻهو مري ويا.

* سوات ۾ تفريح ڪندي دوران سوات ندي ڪناري تي ھڪ خاندان مزا ماڻڻ دوران اچانڪ آيل جابلو پاڻي جي لھر سبب وھڪري ۾ لڙھي وڃڻ جو دردناڪ واقعو.

* احمد آباد انڊيا ۾ مسافر جھاز ڪري تباھ. 242 مسافر فوت.

* ددبئي ايئر شو ۾ انڊيا جو تيجس فوجي جھاز ڪري تباھ.

* لاس اينجلس ٻيلي ۾ خوفناڪ باھ. اداڪارن جا سوين گھر سڙي ويا.

* انڊيا جي ڪنڀ ميلي ۾ ڀاڄ چاليھ کان مٿي ماڻھو مري ويا.

* افغانستان ۾ زلزلو لڳ ڀڳ پندرھن سئو  ماڻهو مري ويا.

 بنگلاديش جي پھرين خاتون اول خالده ضياء جي فوتگي.

* شڪارپور ۾ قبيلائي دهشتگردي. ڄڃ تي حملو. گھوٽ سميت 3 قتل