سال 2025 جو آخري الوداعي ڏينهن

اڄ سال 2025ع جو آخري ڏينهن آھي. اڄوڪو سج وقت جي ڪميت ڪڏائي لڪن ۾ لھي ويندو ۽ سڀائي نئين سال جو پراڻو سورج پنھنجن ڪرڻن سان دنيا کي منور ڪري رھيو ھوندو. دنيا جا ماڻهو ويندڙ سال ۾ پلئه پيل ناڪامين ۽ ڪامرانين جي ڪٿ ڪندا ۽ نئين اميدن سان نئين سال لاءِ بھتر رٿابندي ڪندا آهن ته جيئن مون موقعن مان لاڀ حاصل ڪري سگهجي پر اسان وٽ ته انداز ئي نرالو آھي. اڄ به سنڌوءَ ڪناري سميت مختلف ھنڌن تان لھندڙ سج کي الوداع ڪيو ويندو ۽ ٻئي ڏينهن جڏهن نئون سال وقت جي چانئٺ ٽپي وارد ٿي چڪو ھوندو ته اسان وٽ جي ڪا تبديلي ايندي ته اھا صرف ديوار تان ڪئلينڊر جي تبديلي ھوندي.

اڄ پڄاڻيءَ تي پھچندڙ سال 2025، سڄي دنيا لاءِ پريشانين، تڪرارن ۽ تبديلين جو سال رهيو. عالمي سطح تي جنگيون، قدرتي آفتون، اقتصادي بحران ۽ سياسي عدم استحڪام غالب رهيا. يوڪرين ۾ جنگ چوٿين سال ۾ داخل ٿي وئي، غزا ۽ لبنان ۾ اسرائيلي حملن سبب لکين ماڻهو متاثر ٿيا، ۽ موسمي تبديلين سبب شديد گرمي، طوفانن ۽ زلزلن دنيا جي مختلف حصن ۾ تباهي آندي. انهن سڀني واقعن سبب انسانيت کي نوان چئلينج سامھون آيا. پاڪستان لاءِ به هي سال اهم تبديلين ۽ مشڪلاتن جو سال رهيو. ملڪ کي اقتصادي مشڪلاتن، دهشتگردي جي وڌندڙ لهر، لاقانونيت، امن امان جي صورتحال جي خرابي، ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين سميت مختلف مسئلا درپيش رھيا. مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت عوام لاءِ وڏي آزمائش بڻيل رھيا. عوام لاءِ هي سال بدترين سالن مان هڪ رهيو، جتي روزمره جي زندگي مشڪل ٿي پئي، ۽ اميدون گهٽجي ويون. اقتصادي طور تي، پاڪستان کي سخت چئلينجن کي منھن ڏيڻو پيو. مهانگائي جي شرح بلند رهي، قرضن جو بار وڌيو، ۽ توانائي جو بحران وڌيڪ شديد ٿيو. نجڪاريءَ جي نالي ۾ پي آئي اي کي تين وال ڪيو ويو. بجلي ۽ گئس جي اگهن ۾ واڌ، ۽ صنعتي پيداوار جي گهٽتائي سبب لکين ماڻهو متاثر ٿيا. اهو سال عوام لاءِ اقتصادي طور تي تمام ڏکيو ثابت ٿيو. دهشتگردي جي حوالي سان، سال 2025 دهشتگرد حملن جو خوفناڪ سال رهيو. دھشتگرد گروهن جي حملن ۾ سوين ماڻهو مارجي ويا. بلوچستان، خيبر پختونخوا ۽ ٻين علائقن ۾ بم ڌماڪا، فائرنگ ۽ خودڪش حملا ٿيا. مئي ۾ هندستان سان مختصر جنگي تڪرار (آپريشن سندور) سبب سرحدي علائقن ۾ تڪرار وڌيا، جنگ ۾ ڀارت کي رسوائي ملي. افغانستان سان سرحدي تڪرار به وڌيا. ھن سال انساني حقن جي خلاف ورزين ۾ به واڌارو ڏٺو ويو. صحافين، سياسي ڪارڪنن ۽ اقليتي برادرين تي پابنديون، گرفتاريون ۽ تشدد جا واقعا رپورٽ ٿيا. جبري گمشدگين جا ڪيس وڌيا. عورتن ۽ ٻارن تي تشدد، ۽ اظهار جي آزاديءَ تي پابندين انساني حقن جي صورتحال کي خراب ڪيو. بين الاقوامي تنظيمن جهڙوڪ هيومن رائٽس واچ ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل پاران پاڪستان بابت رپورٽن ۾ انهن مسئلن تي سخت ذتنقيد ڪئي وئي.

سنڌ لاءِ ته هي سال اڃا به وڌيڪ ڏکيو رهيو. قدرتي آفتن جهڙوڪ ٻوڏن ۽ گرمي جي لهر سبب لکين ماڻهو متاثر ٿيا. قبيلائي دھشتگردي عروج تي رھي. ڀنگ خاطر اغوا جي واقعن ۾ واڌ آئي. اقتصادي مشڪلاتن، پاڻي جي کوٽ ۽ زرعي بحران سبب عوام سخت پريشان رهيو. احتجاج ۽ مظاهرا، خاص طور زمينن جي ڪارپوريٽ قبضي خلاف، سنڌ جي عوام جي ڪاوڙ جو اظهار هئا. ٻٻرلوءِ ڌرڻي جي ذريعي مزاحمت جي شاندار تاريخ رقم ڪئي وئي. ھن سال به پريا ڪماري آزاد نه ٿي سگھي. گذريل سالن وانگر ھن سال به گڊ گورننس سنڌ لاءِ خواب بڻيل رهي.  پڄاڻيءَ تي پھچندڙ سال مسئلن جا انبار نئين سال جي جھولي ۾ وجھي ويندو. 2025 کي الوداع ڪندي، اميد آهي ته نئون سال بهتر موقعا آڻيندو. حڪمرانن کي به گورننس کي بھتر بنائڻ جا نوان موقعا ميسر ھوندا. ان لاءِ حڪومت، ادارن ۽ عوام کي گڏجي ڪوششون ڪرڻيون پونديون ته اقتصادي استحڪام، امن ۽ انساني حقن جي حفاظت يقيني بڻائي سگهجي.