| سال 2025 جو سج لهي ويو: دنيا نئين سال ۾ داخل: آڪلينڊ کان نيو ايئر جشن جي شروعات |
ڪراچي (م ڊ) دنيا ۾ نئين سال جي شروعات ٿي وئي، 2025 جو سال ڏکن سکن جون يادون ڏئي هليو ويو. رپورٽن موجب نئين سال جي شروعات سڀ کان پهرين نيوزيلينڊ ۾ ٿي جتي آڪلينڊ ۾ سال 2026 جي شروعات ٿي وئي آهي. آڪلينڊ جي اسڪاءِ ٽاور تي شاندار آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو، جنهن سبب آڪلينڊ جو آسمان خوبصورت روشنين سان جڳمڳائڻ لڳو. جنهن بعد آسٽريليا، فجي، جاپان، چين، عرب امارات ۾ نئين سال جي آجيان ڪئي وئي. جڏهن ته دبئي جي بُرج خليفه تي به آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو. بيجنگ ۾ نئين سال جي جشن تي روايتي اوپيرا پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ چيني صدر شي جن پنگ چيو ته 2026 ۾ وڌيڪ فعال ميڪرو پاليسين کي اڳتي وڌايو ويندو. عرب ملڪن، بنگلاديش، ڀارت ۽ پاڪستان، افغانستان ۾ به نئين سال جي آجيان ڪئي وئي. نيويارڪ، لنڊن ۽ پئرس ۾ به جشن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ٻئي اسي وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي رهواسين کي نئين سال جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته خدا ڪري ته نئين سال جو هر ڏينهن ملڪ جي سلامتي، قومي هم آهنگي ۽ خوشحاليءَ جو پيغام کڻي اچي. 2025 جو سال دفاع وطن جي لحاظ سان تاريخ ۾ سنهري اکرن سان لکيو ويندو، هٿياربندن فوج ۽ قوم گڏجي دشمن جي ارادن کي ناڪام بڻائيندي معرڪه حق ۾ تاريخ رقم ڪئي. پاڪستان جي شاهينن فضائي حدن جو اهڙو ناقابل تسخير دفاع ڪيو جيڪو دنيا لاءِ مثالي ڪاميابي ۽ عالمي فوجي تعليم لاءِ سبق آميز مقابلو هو. اميد آهي پوري قوم پنهنجي دلير، بهادر ۽ باصلاحيت فوج سان گڏجي ملڪ جي دفاع ۾ هميشه ثابت رهندي. هن چيو ته حڪومت ملڪ جي معاشي خوشحالي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ تازي معاشي انگ اکرن ۾ بهتري حڪومت جي درست رستي جي عڪاسي ڪري ٿو. رب سائين پاڪستان کي دهشتگردي، فرقي واريت، ڏوهه ۽ سماجي ورهاڱي کان محفوظ رکي.