سال 2025 پڃاڻي تي پهچي چڪو آھي ۽ نئين سال 2026 جو پهريون ڏينهن گذاري رهيا آھيون. جڏهن هي ڪالم اربع واري ڏينهن شام جو لکڻ لڳس، ان وقت ملڪ جي گاديءَ واري شهر ۾ هلڪي هلڪي برسات ٿي رهي هئي. صبح کان وقفي وقفي سان هلڪي برسات جو سلسلو جاري هجڻ ڪري روڊ رستا ڌوپجڻ بعد انتهائي خوبصورت منظر پيش ڪري رهيا هئا. روڊن ۽ مرگلا جي پهاڙن تي نظر ايندڙ وڻ دلڪش منظر پيش ڪري رهيا هئا مطلب ته سال 2025 جي آخري ڏينهن جي پڄاڻي مستاني موسم سان ٿي پر ختم ٿيندڙ سال مجموعي طور تي عام ماڻهن جي اهنجن ۾ ڪي گهٽتايون آڻي نه سگهيو. مهانگائي پنهنجي عروج تي رهي. عام ماڻهن جي آمدني ۽ ضروري خرچن وچ ۾ زمين ۽ آسمان جيترو فرق عام ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪندو رهيو. روزگار جا ذريعا محدود ۽ بيروزگاري جو راڪاس ڀيانڪ روپ سان، پوري شدت سان موجود نظر آيو. آء ايم ايف جي فرمائشن کي پورو ڪرڻ لاء کنيا ويندڙ قدم پڻ عام ماڻهن جي زندگين کي وڌيڪ مشڪلاتن ۾ وجهندا رهيا پر آء ايم ايف سان معاهدي هارين ۽ ننڍن زميندارن جي پريشانين کي وڌائي وڻ ڪري ڇڏيو. هارين ۽ زميندارن کي نه ڪڻڪ جا اگھ مليا، نه سارين ۽ نه ئي ڪپھ جا مناسب اگھ ملي سگهيا. هارين کان ته جنسون سستيون ورتيون ويون پر انهن جو عام ماڻهن کي ڪو فائدو نه ٿيو. نه چانور سستا ٿيا، نه ڪڻڪ جو اٽو سستو ٿيو. ها باقي ملڪي معيشت جن بحرانن ۾ پهريان هئي، حڪومت انهن بحرانن مان نڪري معاشي استحڪام طرف اچڻ جون دعوائون ڪري رهي آھي پر معاشي استحڪام کي عام ماڻهو تڏهن ئي محسوس ڪري سگهندو، جڏهن عام ماڻهن جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي ٿيندي، علاج، تعليم، کاڌي پيتي جون شيون سستيون، ٽرانسپورٽ جا ڪرايا گهٽ ٿيندا. ائين ڪڏهن ٿيندو؟ وارو سوال ته هر ڪنهن جي زبان تي آھي پر اهو سوال به سڀني جي ذهنن ۽ زبانن تي آھي ته ڇا شيون سستيون ٿي به سگهنديون؟ رياست چاهي ته ناممڪن ڪم ممڪن ٿي سگهي ٿو. شين جا اگھ گهٽ ٿي سگهن ٿا. ٻي صورت ۾ شين جا اگھ ائين ڀيانڪ طريقي سان آسمان سان ڳالهيون ڪندا، جيئن سون جو اگھ ساڍا چار لکن کان وڌيڪ ٿي ويو آھي. هاڻي مزدور، هاري ۽ مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙ غريب ماڻهو پنهنجي نياڻي يا پٽ کي شادي ۾ هڪ ٻه تولا سون ڏيڻ جو سوچي به نٿا سگهن، ڇو ته سون سندن قوت خريد کان ڪوهين ڏور پهچي چڪو آھي. ان ڪري به والدين هڪ ڪرڀ واري زندگي ۽ پريشانين مان گذرندي نظر اچي رهيا آھن.
سال 2025 کي اگر سياسي عدم استحڪام جو سال چئجي ته غلط نه ٿيندو. پاڪستان ۾ مقبول ترين پارٽي پي ٽي آء جو باني ۽ ٻيا اڳواڻ جيل ۾ قيد رهيا، کين سزائون آيون. مخالف ڌر جا احتجاج ٿيندا رهيا پر حڪمران اتحاد آئيني ترميمن جا بل ۽ اهم قانون سازي ڪرائيندو رهيو. سال جي آخر ۾ پي ٽي آء ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهين بابت دعوائون سامهون اچي رهيون آھن پر باضابطه طور تي اهو سامهون نه اچي سگهيو آھي ته حڪمران اتحاد مان ڪهڙي اڳواڻ پي ٽي آء يا مخالف ڌر جي اتحاد ۾ شامل ڪهڙي اڳواڻ سان ڳالهين ذريعي مسئلو حل ڪرڻ لاء رابطو ڪيو آھي پر ان باوجود ٻنهي طرفان اها ڳالهه ضرور سامهون اچي رهي آھي ته مسئلو ڳالهين ذريعي ئي حل ٿي سگهي ٿو. اها ڳالھ درست به آھي. پاڪ ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيل جنگين بعد به مسئلو ڳالهين ذريعي حل ٿيو. تازو ڀارت پاڪستان تي حملو ڪرڻ جي اڳرائي ڪئي ته کيس اهڙو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو، جو ڀارت کي پاڻ آمريڪا کي ڳالهيون ڪرڻ لاء اڳتي اچڻ جي درخواست ڪرڻي پئي. مطلب چوڻ جو هي آھي ته پي ٽي آء ۽ طاقتور ڌرين وچ ۾ هلندڙ مسئلو ڳالهين ذريعي حل ٿي سگهي ٿو پر ان لاءِ ٻنهي ڌرين کي ڪجھ قدم اڳتي اچڻو پوندو ۽ جن مامرن ۾ انتهائي اڳتي نڪري ويا آھن، انهن مامرن ۾ ٻنهي ڌرين اگر قدم پوئتي نه هٽايا ته پوء مامرو حل ٿيڻ بجاء ڳنڀير ٿيندو. ائين ئي 2025 ۾ ٿيو. ڳالهين ذريعي مامرا حل ڪرڻ طرف پيش رفعت نه ٿي سگهي، ڇو ته ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ لاء پي ٽي آء اڳواٽ شرط رکيا هئا. ان ڪري پارلياماني ڪميٽي غير موثر ٿي وئي پر اسپيڪر مسلسل اها پيشڪش ڪري رهيو آھي ته اگر پي ٽي آء ڳالهيون ڪرڻ چاهي ته ان کي حڪومت سان ٽيبل تي ويهارڻ لاء ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ڪجھ ماڻهن کي ته آء ايس آء جي اڳوڻي سربراه فيض حميد کي آيل سزا بعد پي ٽي آء ۽ طاقتور ڌرين وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيندي نظر نه اچي رهيون آھن. اهي ماڻهو سمجهن پيا ته فيض حميد کي سزا اشارو آھي پر ملڪ کي عملي طور تي هلائيندڙ اهو ڄاڻين ٿا ته سياسي عدم استحڪام گهڻن مسئلن جي ماءُ آھي پر ان لاء ضد جو مامرو ڇڏڻو پوندو. 2025 ملڪ اندر سياست لاء ڪو سنهري سال نه هو. بظاهر ملڪ ۾ جمهوري حڪومت هوندي به هائبرڊ حڪومت جون ڳالهيون ته هر ڪنهن جي زبان تي آھن ۽ اگر پيپلزپارٽي جهڙي پارٽي ڀارت سان جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي سڄو ڪريڊٽ فيلڊ مارشل کي ڏيندي ۽ رسمي طور تي به وزير ماعظم جو نالو ئي نه کڻي ته ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته سياستدانن جي يا بظاهر موجود سياسي حڪومت جي هٿ وس ڇا آھي.
نه رڳو ملڪ اندر گذريل سال سياست جي زوال جو سال هو پر گذريل سال ملڪ ۾ صحافت جي زوال سان گڏ تباهي جو به سال هو. ڀلي هن دور ۾ ميڊيا تي پابندين کي ڪو تسليم نه ڪري پر ايندڙ وقت ۾ ميڊيا جي موجوده ڪردار جي تعريف ڪانہ ٿيندي. ميڊيا کي ڪنٽرولڊ ميڊيا چيو ويندو.