ساماري ويجهو عورت جو ڦاهو آيل لاش هٿ

ساماري ويجهو عورت جو ڦاهو آيل لاش هٿ

سامارو(ن پ ا) سامارو لڳ ڳوٺ حاجي مريد خاصخيلي ۾ رهواسي مولچند ڪولهي جي گهر واري نوجوان نار شريمتي مکي جو سندس گهر اندر مبينا ڦاهو کادل لاش هٿ آيو آھي. گهر ڀاتين مکي جي مڙھه جو سامارو پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال سامارو پهچايو، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مکي جي فوت ٿيڻ واري مامري تي سندس مڙس مولچند ڪولهي ميڊيا کي ٻڌايو ته آئون مزدوري لاءِ گهرٻاهران ويل نڪتو ته ڪجھ دير بعد مون کي اطلاع ڪيو ته سندس گهر واري ڦاهو کاهي آپگهات ڪري ڇڏيو آھي، اسان جي ست مهينا اڳ شادي ٿي هئي. اسان پاڻ ۾ ڪو به جهيڙو وغيره ڪو نه هو خبر ناهي ڇو آپگهات ڪيو آھي سامارو پوليس موجب پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ته مُکي جو لاش پٽ تي پيل هو. پوليس کي ٻڌايو ويو ته ناري ڦاهو کائي آپگهات ڪيو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو آھي، وڌيڪ انهي مان خبر پوندي ۽ جانچ شروع ڪري ڇڏي آھي ناري جو مڙھه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.