ساماري ۾ مهاسنت ڏاڏا شوگر سوامي جو 225هون ساليانو ميلو

ساماري ۾ مهاسنت ڏاڏا شوگر سوامي جو 225هون ساليانو ميلو

سامارو (ن پ ا) سامارو ۾ هندو برادري جي مهاسنت ڏاڏا شوگر سوامي جو 225 هون ساليانو ميلو وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو ويو، هند ۽ سنڌ ۾ رهندڙ مالهي برادري جي روحاني مرشد سنت شري ڏاڏا شوگر سوامي جي ميلي تي قديمي ڏاڏا شوگر سوامي مندر کي  ڪنوار جيان سينگاريو ويو، ميلي ۾ پي ٽي آءِ  جي اڳوڻي ايم اين اي لال مالهي، پ پ اڳواڻ رميش مالهي، يوسي چئرمين بابو لڇمڻ داس، ڏاتربخش سينهڙو  ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ميلي ۾ ڀنڊارو ڪيو ويو، پوڄا پاٺ سوڌو ڏاڏي سائين ڌوڻي صاحب کان مڙهي صاحب تائين ريلي ڪڍي وئي، ڏاڏي جو کپر ڀرائي جي رسم ادا ڪئي وئي، جڏهن ته  تعيلم جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ  شاگردن ۽ شاگردياڻين کي  شوگر سوامي ٽيلنٽ ايوارڊ ڏنا ويا. ڀڳتن انش ايسراڻي، دليپ مالهي، سنتوش مالهي، مگهارام برهمڻ،  رميش ميگهواڙ چمن ڪلال، واشديو مالهي، ڀڳت سنيل ڪمار راڳ پيش ڪيو، گنگارام مالهي، ڀمرو مالهي، شري رام مالهي، سابق ناظم رتن مالهي، شمڀومل، کيمچند جو چوڻ هو ته هي ميلو صدين کان ملهايو پيو وڃي، هتي ڪا به مذهبي متڀيد ناهي.