سامراجيت کان پاڪستان تائين هڪ تجزياتي مطالعو … قومن جي تاريخ، تعليم ۽ ترقي کان محرومي….ڊاڪٽر اعجاز انڙ

                 انساني تاريخ ۾ جڏهن بہ ڪنهن قوم کي ڪمزور ڪرڻ، جهڪائڻ يا غلام بڻائڻ جا طريقا ڳوليا وڃن ٿا تہ ان ۾ ٻہ ڳالهيون سڀ کان نمايان نظر اچن ٿيون: هڪ، قوم جي تاريخ کي ميساريو وڃي ۽ ٻيو ان کي تعليم کان پري رکيو وڃي. تاريخ انسان جي شعور جو آئينو هوندي آهي، جڏهن اهو آئينو ٽوڙيو وڃي ٿو تہ قوم پنهنجي اصل کان بيخبر ٿي وڃي ٿي. ساڳي طرح تعليم انساني ترقي جو بنياد آهي. جڏهن اهو بنياد ڪمزور ڪيو وڃي ٿو تہ قوم کي گهڻي دير تائين جهالت ۽ ناداري ۾ رکڻ سولو ٿي وڃي ٿو. هن مضمون جو مقصد اهو آهي تہ تاريخي مثالن، نوآبادياتي پاليسين، برصغير جي سياست ۽ پاڪستان جي موجوده حالتن کي ڏسي اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي تہ قومن کي ڪمزور ڪرڻ جا طريقا ڪهڙا رهيا آهن ۽ انهن مان بچي اڳتي وڌڻ جو رستو ڪهڙو آهي.

1. تاريخ جي خاتمي واري حربي سان قومي شعور کي ختم ڪرڻ:

ارسطو چيو هو: “جيڪا قوم پنهنجي تاريخ وساري ويهي ٿي، اها پنهنجو پاڻ کي وساري ويهي ٿي.”

تاريخ رڳو واقعن جو سلسلو ناهي پر اهو قومن جو شعور، انهن جي ڪردار، هارين، مزدورن، فلاسفرن، سورمن ۽ شاعرن جو گڏيل ورثو آهي. جڏهن سامراجي قوتون ڪنهن قوم کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿيون تہ پهريون وار ان جي تاريخ تي ڪن ٿيون، جنهن ۾ تاريخي ڪتاب ساڙڻ، وڏن علمن کي ميسارڻ، تهذيبي شعور کي ختم ڪرڻ، پنهنجي مرضي جي تاريخ لکرائڻ. انڪا ۽ ازٽيڪ تهذيبون تاريخ جي خاتمي جا وڏا مثال آهن. انڪا (Inca) ۽ ازٽيڪ (Aztec) تهذيبون آمريڪا ۾ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ترقي يافته تهذيبن مان هيون. زرعي نظام، رياضي، فلڪيات، شهري منصوبابندي ۽ سماجي تنظيم ۾ اهي دنيا کان اڳتي هيون. 1533ع کان پوءِ جڏهن اسپيني سامراج انهن علائقن تي قبضو ڪيو، هنن سڀ کان اڳ ۾ انهن قومن جي علمي مرڪزن کي ساڙيو، تاريخي رڪارڊ تباهه ڪيا، مذهب ۽ زبان ختم ڪئي ۽ لکين ماڻهن کي غلام بڻايو. اها ڳالھ ثابت ڪري ٿي تہ جڏهن ڪنهن قوم جي تاريخ ختم ڪئي وڃي ٿي تہ ان قوم جي سڃاڻپ، اعتماد ۽ صلاحيت به ختم ٿي وڃي ٿي، پوءِ ان جي  آبادي ڪيتري بہ وڏي ڇو نہ هجي! اها تهذيب اڳتي وڌڻ بدران پوئتي رهندي ۽ نيٺ ختم ٿي وڃي ٿي.

2. تعليم کان محروم رکڻ غلاميءَ جو سڀ کان خطرناڪ هٿيار:

تعليم انسان کي سوچڻ، سوال ڪرڻ ۽ سچ جي سڃاڻڻ جو حوصلو ڏيندي آهي. جڏهن سامراجي قوتون ڪنهن قوم کي جاهل رکڻ چاهينديون آهن تہ انهن لاءِ سڀ کان سولو طريقو تعليم کي ڪمزور، غير  سائنسي ۽ اڻبرابري تي مبني بڻائڻ هوندو آهي.

برطانوي پاليسي: Macaulay’s Minute (1835)

برصغير ۾ لارڊ مڪالي واضح طور چيو هو تہ: “برصغير ۾ اسان کي اهڙي قوم پيدا ڪرڻي آهي، جيڪا رت ۽ رنگ ۾ تہ هندستاني هجي پر دماغ ۾ انگريز هجي.”

هڪ اهڙي تعليم، جنهن ۾ مقامي تاريخ، فلسفو، سرڪاري اسڪول (جتي گھٽ معياري تعليم)، نجي اسڪول (مهانگا، شهرن تائين محدود)، ديني مدرسا (مختلف فڪري تضادن سان ڀريل) – اهو نظام ڪڏهن بہ هڪجهڙي قوم پيدا نہ ڪندو پر اهو ٽن مختلف مزاجن، ذهنيتن ۽ طبقن کي جنم ڏئي ٿو، جنهن جا نتيجا سماجي اڻبرابري، جهالت ۽ سياسي عدم استحڪام جي صورت ۾ ظاهر ٿين ٿا.

بيوسي کي قائم رکڻ:

ناداري پنهنجي پاڻ ۾ ڪو حادثو ناهي. ڪيترن ملڪن ۾ اها ڪنٽرول ڪرڻ جي حڪمت عملي طور استعمال ڪئي وئي آهي. جهالت ۽ غربت اهڙا هٿيار آهن، جن سان عوام سوال ڪرڻ کان رهجي وڃي ٿو. ماڻهو حڪمران طبقن تي دارومدار رکڻ تي مجبور ٿين ٿا. روزگار ۽ تعليم جي کوٽ سبب جدوجهد ڪرڻ جي همت گهٽجي وڃي ٿي. انهن سڀني کي گڏ ڪري انگريزي ۾ چون ٿا: Poverty as a Tool of Control

يعني: بيوسي کي شعوري طور برقرار رکڻ تہ جيئن عوام کي مطیع بڻائي ورهايو وڃي.

3. زرعي ۽ صنعتي جديديت کان پري رکڻ سامراجيت جو اقتصادي ماڊل:

جڏهن ڪنهن قوم کي زرعي، صنعتي ۽ سائنسي ترقي کان پري رکجي ٿو تہ اھا خودمختيار نٿي رهي. برطانوي دور ۾ برصغير ۾ ساڳيون پاليسيون اختيار ڪيون ويون.

Land Alienation Act 1900

هي قانون هارين کي زمين جي مالڪي کان محروم ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو. هن قانون تحت زمين جي خريد ۽ وڪري تي پابندي وڌي وئي. فقط “زرعي قبيلن” کي حق ڏنو ويو. عام هاري، مزدور ۽ ڪاريگر کي “غير زرعي قبيلو” قرار ڏئي زمين خريد ڪرڻ کان پري رکيو ويو. جاگيردارن کي زمينون عطا ڪيون ويون. ان قانون جو مقصد اهو هو ته جيئن: هارين کي سياسي ۽ معاشي طاقت کان محروم رکجي. جاگيردارن کي سامراج جو وفادار بڻايو وڃي. زمين جهڙو اهم وسيلو عام ماڻهوءَ تائين ڪڏهن نہ پهچي.

هارا ڀوت جو اصطلاح:

هي اصطلاح اصل ۾ انهن هارين لاءِ استعمال ٿئي ٿو، جيڪي زمين جا مالڪ نہ آهن، جيڪي زميندار جي مرضي تي رهڻ ۽ ڪم ڪرڻ تي مجبور آهن. جن کي پنهنجي محنت جو وڏو حصو واپس نٿو ملي. هو سماجي طور “ڪنٽرول ٿيل ۽ بي آواز” بڻجي وڃن ٿا. يعني هاري جسماني طور تہ موجود آهي پر اقتصادي طور غلام جهڙي حالت ۾ هوندو آهي. (Economic Serfdom). اڄ بہ ڪيترن علائقن ۾ هاريءَ جو اهو حال برقرار آهي، جيڪو استحصالي نظام جي تسلسل جو ثبوت آهي.

4. قومن کي ورهائڻ Divide & Rule

برطانوي سامراج، رومن سلطنت، فرانس ۽ آمريڪا سڀني هڪ ئي اصول استعمال ڪيو: |قوم کي ورهايو ۽ حڪومت ڪريو`. پاڪستان ۾ بہ ساڳيو طريقو استعمال ڪيو ويو. هتي بہ مذهبي اختلاف پيدا ڪيا ويا. ٻولي تڪرار کي ڀڙڪايو ويو. قومن جي  محرومين کي وڌايو ويو. صوبن وچ ۾ اڻبرابري پيدا ڪئي وئي. جاگيردار ۽ اشرافيا طبقي جو راڄ رائج ڪيو ويو. اهي سڀئي عنصر قوم کي هڪ مضبوط وحدت بڻجڻ نٿا ڏين.

5. ڇا وڏي قوم کي بہ غلام بڻائي سگهجي ٿو؟

ها. جيئن انڪا ۽ ازٽيڪ تهذيبون ختم ٿي ويون، تيئن ڪنهن بہ قوم کي تاريخ، تعليم ۽ اقتصادي طاقت کان محروم رکڻ سان غلام بڻائي سگهجي ٿو. چين تي “آفيم واري جنگ”، عرب دنيا ۾ استعماري ٽڪراء، آفريڪا ۾ غلامي، لاطيني آمريڪا تي آمريڪي ڪنٽرول – اهي سڀ مثال ٻڌائين ٿا تہ آبادي جو وڏو هجڻ ڪڏهن بہ آزادي جي ضمانت ناهي رهيو.

6. پاڪستان ۾ اها پاليسي ڪيئن لاڳو ٿي؟

تاريخ کي مخصوص بيانيي هيٺ بدلائڻ، اصل تهذيب (Indus Valley) ۽ مقامي قومن کي اهميت نہ ڏيڻ ۽ پاڪستاني تاريخ زوريءَ مڙهڻ.

تعليم کي ورهائڻ:

طبقاتي سسٽم ذريعي تعليمي سرشتي کي ورهائي شعور کي محدود رکڻ.

اقتصادي طاقت چند خاندانن تائين محدود رکڻ:

زرعي سڌارن جي کوٽ، زميندارن جو اثر ۽ صنعتي وسيلن کي مرڪزي ڪنٽرول هيٺ رکڻ.

عوام کي فرقن ۾ ورهائڻ:

سياسي انتشار، مذهبي شدت پسندي ۽ قومي محرومي وڌائي عوام کي متحد ٿيڻ کان روڪڻ.

7. اهڙي صورتحال مان نڪرڻ جا رستا:

اصل تاريخ جي بحالي:

نصاب ۾ انڊس تهذيب، سنڌي، بلوچ، پشتون، سرائيڪي، ڪشميري ۽ بين قومن جي تاريخ شامل ڪرڻ، عوام کي پنهنجو حقيقي ورثو ٻڌائڻ، تاريخ جو شعور رڳو ماضي بابت نٿو ٻڌائي پر مستقبل لاءِ اعتماد بہ پيدا ڪري ٿو.

تعليم ۾ انقلاب:

هڪجهڙو تعليمي نظام جو هجڻ، سائنس، تنقيدي سوچ، فلسفو، تاريخ ۽ سماجيات کي بنيادي حيثيت ڏيڻ. استاد جي تربيت ۽ اسڪولن جي معيار کي بهتر بڻائي تعليم ذريعي قومن کي عالمي طاقت بڻائجي، جيئن جاپان، فنلينڊ ۽ سائوٿ ڪوريا ڪيو آهي. 

زرعي ۽ صنعتي سڌارا:

زرعي سڌارن ذريعي هارين کي زمين جو حق ڏيڻ. ننڍين صنعتن کي فروغ ڏيئي نئين ٽيڪنالاجيز وسيلي مقامي پيداوار وڌائڻ، جاگيردار ۽ اشرافيا جي طاقت کي محدود ڪرڻ.

قومي اتحاد:

وسيلن جي انصاف ڀري ورڇ ڪري صوبن کي پنهنجا حق ڏيڻ، ڌارين جي بجاءِ پنهنجي ماڻهن تي ڀروسو ڪرڻ. 

شعوري عوامي تحريڪون:

قومون تڏهن بدلجن ٿيون جڏهن عوام سوال ڪري، تنقيد ڪري ۽ حق وٺڻ لاءِ گڏجي جدوجهد ڪري. تاريخ ٻڌائي ٿي تہ جڏهن قومن جي تاريخ مٽائجي ٿي، انهن جي تعليم ڪمزور ۽ ناڪاره ڪجي ٿي، سندن زرعي ۽ صنعتي ترقي روڪجي ٿي، عوام کي نادار ۽  بيوس رکجي ٿو تہ پوءِ اها قوم ڪيتري بہ وڏي هجي، غلام بڻجي وڃي ٿي.

پاڪستان ۾ بہ اهڙي پاليسي جو تسلسل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. پر قومون تبديليءَ لاءِ بي وس نہ هونديون آهن. اصل تاريخ، معياري تعليم، معاشي انصاف، ۽ قومي اتحاد ـ  اهي چار شيون هر ان قوم کي ٻيهر جيارڻ لاءِ ڪافي آهن، جيڪي غلاميء جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهن..!