ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) سامونڊي طوفان بائپر جواءِ جا اثر سنڌ جي سامونڊي ڪنارن تي پوڻ شروع ٿي ويا آهن، سامونڊي طوفان بائپر جواءِ ۾ وڌيڪ شدت اچڻ سبب ڪراچي پورٽ تي هنگامي الرٽ جاري ڪرڻ سوڌو ايندڙ 36 ڪلاڪ اهم قرار ڏنا ويا آهن
موسميات کاتي نئون الرٽ جاري ڪندي چيو آهي ته سامونڊي طوفان بائپر ڪراچي کان ڏکڻ پاسي 770، ٺٽي کان ڏکڻ طرف 740 ڪلوميٽرز پري ۽ اورماڙا وٽ ڏکڻ اوڀر کان 860 ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي، پي ڊي ايم اي موجب طوفان 150 کان 160 ڪلوميٽر جي في ڪلاڪ رفتار سان اڳتي وڌي رهيو آهي
سامونڊي طوفان بائپر جواءِ جا اثر سنڌ جي سامونڊي ڪنارن تي پوڻ شروع ٿي ويا آهن، سمنڊ اندرلهرن ۾ واڌا اچي وئي آهي ۽ ڪنارن تي پاڻي وڌي ويو آهي، کليل سمنڊ مان ماهيگير تيزيءَ سان واپس اچي رهيا آهن
جڏهن ته سامونڊي طوفان جي خطري سبب ڪراچي، ٺٽو، سجاول ۽ بدين جي ساحلي پٽي ۾ رڳو قلم 144 لاڳو ڪيو ويو، انتظاميا طرفان ڪي به جوڳا قدم نه کنيا ويا آهن
ٺٽي جي ضلعي انتظاميا سمورن ادارن کي هاءِ الرٽ ڪندي ڪنٽرول روم قائم ڪري ڇڏيو، ڪيٽي بندر، گهوڙا ٻاري ۽ شاهه بندر سميت سامونڊي پٽي ۾ تيز هوائون گهلڻ لڳيون آهن
جاتي ڀرسان سامونڊي پٽيءَ تي به طوفان جا اثر ظاهر، سامونڊي ويرون چڙهڻ لڳيون آهن، فوجي جوان به پهچي ويا، پاڪ فوج جي جوانن پاران مهاڻن کي شڪار کان روڪيو ويو، مهاڻن پنهنجا هوڙا ڪناري تي بيهاري ڇڏيا جڏهن ته ڪمشنر ڪراچي طرفان شهر مان بل بورڊز، سائن بورڊز ۽ اشتهاري مواد هٽائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.