ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) زمين جي سموري موسم سج جي ڪري آهي، سج جا شعاع، سمنڊ جي ٻاڦ، ڪڪر، دٻاءُ ۽ طوفان وغيره، قدرت جي ان نظام کي ٽروپيڪل سائڪلون چيو ويندو آهي
اهي ٽروپيڪل سائڪلون ڪيئن ٺهندا آهن ۽ ڪيئن شدت ايندي آهي؟ اصل ۾ سامونڊي طوفان بائپر جواءِ سج جي روشني جي ڪري آهي
سج جا گرم شعاع سمنڊ جي پاڻي کي ٻاڦ بڻائيندا آهن، اها ٻاڦ اکين کان اوجهل ماليڪيولز جيڪي هوا کان به هلڪا هوندا آهن اهي آسمان ڏانهن اڏامندا آهن، هوا ۾ اڌ ميل تي وڃي ٻاڦ پاڻي بڻجي ڪڪرن جي صورت اختيار ڪري وٺندي آهي
ٻاڦ جي گرمي، ڪڪرن جو ٻارڻ زمين جي اسپن سان گڏ 80 ميل في ڪلاڪ رفتار سان هلندڙ هوائن سان ٺهندڙ موسمي ماحول کي ماهر ٽروپيڪل سائڪلون چوندا آهن
بائپر جواءِ به اهڙي شڪل آهي ۽ ان سان گڏ هلندڙ هوائن جي رفتار 150 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ آهي
پاڻي جي سطح تي سفر دوران سامونڊي طوفان جي شدت وڌندي آهي، ان جو سبب اهو آهي ته هن طوفان جي مٿان موجود گرم هوا ٻارڻ جو ڪم ڪندي آهي
جيئن جيئن گرم هوا بلند ٿيندي آهي ان جي جاءِ متبادل هوا وٺندي آهي ۽ ان سان طوفان يا سائڪلون ٺهندو آهي، ڪيئي سامونڊي طوفانن جو حجم وڌندو ويندو آهي
جڏهن هي سامونڊي طوفان زمين ويجهو پهچندا آهن ته انهن جي شدت ۾ گهٽتائي ايندي آهي ڇو ته اهي گرم پاڻي تي سفر نه ڪري سگهندا آهن ان ڪري ان جو ٻارڻ گهٽ ٿيندو ويندو آهي پر ان باوجود هي طوفان تيز رفتار هوائن ۽ برسات سان وڏو نقصان پهچائڻ جي صلاحيت رکندا آهن
اها اڳڪٿي ڪرڻ ڪافي مشڪل آهي ته سامونڊي طوفان ڪيترو طاقتور هوندو ۽ زمين جي ڪهڙي حصي سان ٽڪرائيندو، ان جي رخ جو تعين ڪري سگهجي ٿو ۽ وقت کان اڳ تياري ان جي اثرن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد فراهم ڪري سگهي ٿي
اهڙا علائقا جتي سمنڊ ويجهو آهي اتي سائرن وڄائي ماڻهن کي خبردار ڪري سگهجي ٿو