ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) سامونڊي طوفان جو خطرو ٽري وڃڻ کان پوءِ سنڌ جي سامونڊي پٽي مان محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيل ماڻهن جي پنهنجي ماڳن ڏانهن واپسي وارو عمل جاري آهي
سيراڻي، ٻهڊمي، ڪڍڻ، جاتي، شاهه بندر ۽ چوهڙ جمالي ۾ متاثرن جي واپسي ٿي آهي، ٺٽو، بدين ۽ سجاول ۾ متاثرن جي واپسي بعد رونقون بحال ٿيڻ لڳيون آهن
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته طوفان بپر جواءِ جو اثر اڃا به وچ راجستان ۾برقرار آهي ۽ طوفان جو اوڀر طرف وڌڻ جو امڪان آهي، سنڌ ۾ موسم اڄ شديد گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، مختلف علائقن ۾ برسات جو به امڪان آهي