سامونڊي طوفان جي شدت برقرار، ٺٽي ۽ سجاول مان لڏپلاڻ ، بدين ۾ هاءِ الرٽ

جُون 12, 2023

ٺٽو ( رپورٽر) سامونڊي طوفان ۾ شدت برقرار آهي جڏهن ته ٺٽي ۽ سجاول ۾ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي، اسڪولن ۾ ڪيمپون ۽ خيما بستي به قائم ڪئي پئي وڃي

ڪيٽي بندر جي سامونڊي ٻيٽن جي رهواسين کي فوري طور محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ان سلسلي ۾ ٻگهاڻ شهر لڳ اسڪولن ۾ ڪيمپون ۽ هڪ ٽينٽ سٽي قائم ڪئي پئي وڃي

انتظاميا جو چوڻ آهي ته ريسڪيو لاء پاڪ فوج ۽ پاڪ نيوي کان به مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته طوفان جي خطرن کي ڏسندي ڪيٽي بندر ۽ جوهو شهرن کي به خالي ڪرائڻ جو امڪان به امڪان آهي

سامونڊي طوفان بائپر جوئـَي جي خطري بعد اونهي سمنڊ ۾ ويل مهاڻن پاران واپسي جاري، ڪراچي، ٺٽو، سجاول ۽ بدين ۾ مهاڻن هوڙا تڙن تي بيهاري ڇڏيا آهن

مهاڻن جو چوڻ آهي ته سوين مهاڻا مڇي جي شڪار لاءِ اونهي سمنڊ ۾ ويل آهن، کين اڃا تائين سامونڊي طوفان جي خطري جو نياپو نه ملي سگهيو آهي

 انتظاميا به مهاڻن جي واپسي لاءِ جوڳا اپاءَ نه ورتا آهن، سمنڊ ۾ ويل مهاڻن جي واپسي لاءِ هنگامي بنيادن تي اپاءَ وٺڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي

ٺٽي ضلعي جي انتظاميا، پاڪ فوج ۽ نيوي عملدارن پاران پهرئين مرحلي ۾ ڪيٽي بندر جي ٻيٽن ۽ حجامڙو ڪِرِيڪ جي آبادين کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

انتظاميا جو چوڻ آهي ته حجامڙو ۽ تورڇاڻ ڪِريڪ تي اٽڪل 2 هزار ماڻهن جي آبادي آهي، اُنهن کي ڪيٽي بندر ۾ قائم ٽن رليف ڪيئمپس ۾ منتقل ڪيو ويندو

Leave A Comment