سامونڊي طوفان جي شدت وڌي رهي آهي: سردار سرفراز

جُون 13, 2023

ڪراچي(پنهنجي ڊيسڪ) چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز ٽائيم نيوز جي پروگرام ويوز ٽائيم ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته طوفان جي شدت ۾ گهٽتائي نه آئي آهي

سندس چوڻ هو ته طوفان جي مرڪز ۽ ڀرپاسي هوا جي رفتار 150 کان 190 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي، امڪان آهي ته طوفان سڀاڻي اُتر اولهه طرف رُخ ڪندو،

هن ٻڌايو ته سامونڊي طوفان 15 جون تي سنڌ ۽ ڀارتي گجرات جي وچ واري حصي سان ٽڪرائيندو

سردار سرفراز وڌيڪ ٻڌايو ته  طوفان جي اثر سبب ٺٽو، بدين، سجاول، ميرپور خاص ۽ عمرڪوٽ ۾ طوفاني هوائن سان برسات جا امڪان آهن، طوفان جي اثر سبب حيدرآباد، نواب شاهه ۽ سانگهڙ ۾ به برسات جا امڪان آهي

Leave A Comment