سامونڊي طوفان سنڌ جي وڌيڪ ويجهو پهچي ويو، ڪراچي کان 380۽ ٺٽي کان 370ڪلو ميٽر فاصلو رهجي ويو

جُون 13, 2023

ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سامونڊي طوفان بائپر جواءِ سنڌ جي وڌيڪ ويجهو پهچي ويو آهي، طوفان ڪراچي کان 380ڪلوميٽرز ۽ ٺٽي کان 370 ڪلوميٽرز جي فاصلي تي موجود آهي

موسميات کاتي موجب طوفان 15 جون تي منجهند کانپوءِ سنڌ جي ڪيٽي بندر ۽ ڀارتي گجرات جي وچ واري علائقي سان ٽڪرائجي ويندو

چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته 140 کان 170 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ رفتار سان هوائون گهلي رهيون آهن، طوفان جي ويجهو لهرن جي اونچائي 30 فوٽ آهي

طوفان سڀاڻي صبح تائين وڌيڪ اتر ۽ اتر اوڀر جو رخ ڪري سگهي ٿو، طوفان 15 جون تي ڪيٽي بندر ۽ گجرات جي ساحل وٽان گذرندو،طوفان ٽڪرائڻ سبب هوائون 100 کان 120 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ رفتار سان هلنديون

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شديد طوفان جي نتيجي ۾ ٺٽو، بدين، سجاول ۽ ٿرپارڪر ۾ گجگوڙ ۽ طوفاني هوائن سان برساتون پوڻ جا امڪان آهن

ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٽنڊو الهيار ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ به طوفاني وسڪارن جا امڪان آهن

Leave A Comment