سامونڊي طوفان: مڪاني ملازمن جون موڪلون رد، ڪنٽرول روم ٺاهڻ جي هدايت

جُون 12, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سامونڊي طوفان ۽ برساتن کي نظر ۾ رکندي سنڌ سرڪار هنگامي قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، مڪاني ملازمن جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن

چيف سيڪريٽري سنڌ سهيل راجپوت هدايت ڪئي آهي ته ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪاني ادارن جي ملازمن جون موڪلون رد ڪيون وڃن، سمورا ڊپٽي ڪمشنر صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي سان رابطي ۾ رهن

چيف سيڪريٽري سنڌ هدايت ڪندي چيو آهي ته سامونڊي پٽي جي رهواسين کي حفاظت کي ڪڍيو وڃي، سمورن ضلعن ۾ امدادي ٽيمون ۽ ضروري سامان جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي

چيف سيڪريٽري سنڌ پاران ڪراچي ۽ حيدرآباد جي نالن جي چوڪنگ پوائنٽس ڪليئر ڪرائڻ ۽ بل بورڊ هٽائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ ڊپٽي ڪمشنرز کي ڪنٽرول روم ۽ڪانٽيجنسي پلان ٺاهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

Leave A Comment