ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) طوفان ۽ برسات واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪراچي ايئرپورٽ تي ننڍن جهازن جو آپريشن بند ڪيو ويو آهي
وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته ننڍن جهازن جو آپريشن بند ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪمرشل اڏامن جي باري ۾ فيصلو اربع جي شام ڪيو ويندو
سول ايو ايشن اٿارٽي جو چوڻ آهي ته بپر جواءِ طوفان جي ڪري ڪراچي ايئرپورٽ جي بندش جون خبرون درست ناهن، خراب موسم جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي حفاظتي انتظام ڪيا ويندا آهن
ايئرپورٽس تي هوا جي رفتار ۽ موسم جي حوالي سان پائليٽن کي مسلسل باخبر رکڻ معمول جي ڳالهه آهي، خراب موسم ۾ ايئرلائنز جي اڏامن جي شيڊول ۾ خلل پئجي سگهجي ٿو