ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جون 40 عمارتون خطرناڪ قرار، سامونڊي طوفان کي نظر ۾ رکندي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو
سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران ڪراچي شهر جي 450 عمارتن کي خطرناڪ قرار ڏنو ويو آهي، اٿارٽي موجب 40 عمارتون مڪمل طور تي زبون حال آهن
بلڊنگ اٿارٽي جي ڊي جي ياسين شر چيو آهي ته ايس بي سي اي پاران خطرناڪ قرار ڏنل 40 عمارتون خالي ڪرايون پيون وڃن
امڪاني سامونڊي طوفان سبب سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران الرٽ جاري ڪندي چيو ويو آهي ته شهري زبون حال عمارتن جي ڀرسان گاڏيون نه بيهارين