سامونڊي طوفان ڪراچي کان 350 ۽ ڪيٽي بندر کان 300 ڪلو ميٽر پري موجود: شدت گهٽجڻ باوجود خطرو برقرار
جُون 14, 2023
ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) سامونڊي طوفان بِپر جواءِ جي شدت ۾ گهٽتائي باوجود خطرو برقرار، طوفان سنڌ جي ساحلي پٽي ڏانهن تيزي سان وڌڻ لڳو
طوفان ڪراچي کان 350 ۽ ٺٽي کان 360 ڪلوميٽرز ۽ ڪيٽي بندر کان 300 ڪلو ميٽرز پري موجود آهي، طوفان جي مرڪز ۾ هوائن جي رفتار 170 ڪلوميٽرز في ڪلاڪ رڪارڊ ڪئي وئي آهي جڏهن ته سمنڊ ۾ لهرن جي اونچائي 30 فوٽن تائين آهي
موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته اڄ ڪنهن به وقت طوفان جو رخ اتر اوڀر ٿي ويندو، طوفان سڀاڻي منجهند جو يا شام جو ڪيٽي بندر ۽ ڀارتي رياست گجرات جي وچ ۾ ٽڪرائجندو
بائپرجوائے کیٹی بندر سے 300 کلومیٹر جنوب مغرب، کراچی سے 350 جبکہ ٹھٹھہ سے 360 کلومیٹر جنوب میں موجود ہے.طوفان شمال کیجانب رہنے کیبعد 15 جون بعد از دوپہر شمال مشرق کیجانب رخ کرتے ہوئے کیٹی بندر و بھارتی گجرات سے گزرے گا. محتاط رہیں محفوظ رہیں.#CycloneBiparjoy
Multiple Sources pic.twitter.com/RylmjlhPtf— NDMA PAKISTAN (@ndmapk) June 14, 2023