ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سامونڊي طوفان سبب ڪراچي ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ وارو ھنڌ تبديل ڪيو ويو آهي، سڀاڻي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ ٿيندي
اليڪشن ڪميشن سامونڊي طوفان سبب ڪي ايم سي ھال کي غيرمناسب هنڌ قرار ڏئي ڇڏيو، لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013ع موجب اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان چونڊوارو ھنڌ تبديل ڪري ڇڏيو
ڪي ايم سي ھال ۾ انتظاميا پاران سي سي ٽي ويز بحالي سميت سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا ھئا، 15 جون تي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ ايم اي جناح تي واقع ڪي ايم سي ھال بدران آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ٿيندي