سامونڊي طوفان ڪيٽي بندر ويجهو پهچي ويو: سمنڊ ۾ چاڙهه: ماڻهن ۾ خوف: ساحلي پٽي جا انتظام فوج سنڀالي ورتا

جُون 15, 2023

ٺٽو ( رپورٽر) سامونڊي طوفان بپر جواءِ سنڌ جي ويجهو پهچي ويو آهي، ڪيٽي بندر کان فاصلو 150 ڪلوميٽر رهجي ويو، سمنڊ ۾ چاڙهه بعد ماڻهن ۾ خوف ۽ هراس ڦهلجي ويو آهي جڏهن ته پاڪ فوج ۽ رينجرز امڪاني نقصان کي نظر ۾ رکندي ڪيٽي بندر سميت ساحلي پٽي ۾ انتظام مڪمل طور تي سنڀالي ورتا آهن

ڪيٽي بندر سميت سامونڊي پٽي ۾ برسات ۽ طوفاني هوا سبب سمنڊ جي ويرن ۾ به غير معمولي حد تائين واڌ  اچي رهي آهي

ڪيٽي بندر کاروڇاڻ شاهبندر ۽ جاتي جي ڳوٺن ۽ شھرن کي ڏنل حفاظتي بندن تي پاڻي ۾ چاڙھ سبب دٻاءُ به لاڳيتو وڌي رهيو آهي

ڪيٽي بندر کان ويندي يوسي مهل ۽ يوسي ٻيٽ ميهار مان به وڏي پئماني تي ڳوٺاڻا لڏ پلاڻ ڪري رهيا آهن

سامونڊي طوفان جي خطري سبب پاڪ فوج ۽ رينجرز ڪيٽي بندر سميت ساحلي پٽي ۾ انتظام سنڀالي ورتا ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻھن کي به فوري طور ريسڪيو ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي

ڪيٽي بندر کاروڇاڻ جُوهو ڳاڙھو ٻگهاڻ سڄڻ وارِي خليفا ٺاريوارِي آٿرڪي سميت مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري ساحل واسين ۾ سخت خوف ۽ حراس واري صورتحال آهي

ٻئي طرف ڪيٽي بندر جي ٻيٽ حجامڙو ڪريڪ جي ڳوٺ ابو جت، اسحاق دبلو، عبدﷲ دبلو، حسين جت سميت 10 ڳوٺن ۾ سامونڊي پاڻي داخل ٿي ويو آھي

 ان ڏس ۾ ضلعي انتظاميه دعويٰ ڪئي آهي ته سامونڊي شهرن کي خالي ڪرائڻ سان گڏ سمنڊ اندر ٻيٽن مان پڻ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرايو ويو آهي،  هن مهل  ٺٽي جي مهاڻن جو ڪو هوڙو سمنڊ ۾ ناهي ۽  نه ئي وري ٻيٽن ۾ ماڻهو رهندڙ آهن

هوڏانهن ڳاڙھي ويجھو ڳوٺ حيات جت بچاءُ بند ٽٽڻ ڪري پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويو آهي. ٺٽي انتظاميه فوج ۽ پوليس جي مدد سان جوھو ڳوٺ، بل ڳوٺ، الائو جت، محمد خان جت ۽ حاجي علي بخش جت ڳوٺن کي خالي ڪرائي ڳوٺاڻن کي محفوظ ھنڌن ڏانهن منتقل ڪيو آهي

  تيز ھوائن  ۽ سمنڊ ۾ چاڙهه سبب ڪيٽي بندر شھر کي ڏنل بچاءُ بند ٽٽڻ جو خطرو آهي. ضلعي انتظاميه  ڪمزور بند جي مرمت ڪرائڻ جو ڪم ھنگامي بنيادن تي ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

مختيارڪار ڪيٽي بندر مقصود جوکيو جو چوڻ آهي ته 11 هزار ماڻهن کي منتقل ڪيو ويو آهي. سجاول ضلعي جي قديمي شهر شاھبندر ۾ سامونڊي طوفان جا اثر نظر اچڻ شروع ٿي ويا، هتان جا 20 ڳوٺ پاڻي جي گھيري ۾ اچي ويا، جن ۾ حاجي ربو سمگھڻ، ڳوٺ عمر جت، ڳوٺ علي محمد جت، ڳوٺ حاجي ابراھيم  فقيراڻي جت، ڳوٺ عبدالرحمان  اپلاڻو، ڳوٺ زمان جت، ڳوٺ اسماعيل اپلاڻو، ڳڳٺ سيد الھڏنو شاهه شامل آهن

 ھوڏانھن سجاول انتظاميه سجاول شاهه بندر جي مختلف ڳوٺن جي رهواسين  کي ڪيمپن تي آندو آهي

Leave A Comment