ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) سامونڊي طوفان ڀارتي گجرات سان ٽڪرائجي ويو، سنڌ تان خطرو ٽري ويو، شام تائين طوفان جي شدت گهٽجي ڊپريشن ۾ تبديل ٿي ويندي
سامونڊي طوفان گجرات جي ساحلي علائقن ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي، وڻ، بجلي جا کنڀا ۽ گهرن جون ڇتيون اڏامي ويون
اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته سامونڊي طوفان بِپَر جواءِ ڀارتي علائقي گجرات جي ساحلي علائقن سان مڪمل طور ٽڪرائجي چڪو آهي، انتهائي شديد طوفان ڪمزور ٿيڻ بعد هاڻي سائڪلونڪ طوفان ۾ تبديل ٿي ويو آهي، اڄ شام تائين ڊپريشن ۾ تبديل ٿي ويندو
موسميات کاتي جو به چوڻ آهي ته ڪمزور ٿيڻ بعد طوفان ڪيٽي بندر کان 125 ڪلوميٽر پري ٿي ويو آهي، طوفان ٺٽو کان 165 ۽ ڪراچي کان 225 ڪلوميٽر پري ٿي چڪو آهي، ڪيٽي بندر ۽ ڀرپاسي ڇوليون 6 کان 8 فوٽ بلند ٿي سگهن ٿيون