سامونڊي طوفان 15جون تي ٽڪرائيندو، ٺٽي ۽ بدين مان ماڻهن کي منتقل ڪريون پيا: ڪمشنر حيدرآباد جي وزيراعليٰ کي بريفنگ

جُون 12, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه سجاول جي سامونڊي علائقي جو جائزو وٺڻ لاءِ شاهبندر پهچي ويو آهي، کيس صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي آهي

وزيراعليٰ سنڌ جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، ڪمشنر حيدرآباد سامونڊي طوفان بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 15جون تي سامونڊي طوفان ٽڪرائجندو، جون 17 ۽ 18 تائين طوفان جو اثر گهٽ ٿي ويندو

ڪمشنر حيدرآباد ٻڌايو ته طوفان جي شدت ۾ معمولي گهٽتائي سبب 13 يا 14 جُون بدران هاڻي 15 جون تي سامونڊي پٽي سان ٽڪرائجندو، سمنڊ ۾ 4 کان 5 ميٽر چاڙهه هوندو ۽ پاڻي گهڻو اڳتي ايندو

وزيراعليٰ کي ٻڌايو ويو ته بدين جي زيرو پوائنٽ جي ڳوٺ ڀگڙا ميمڻ مان ماڻهن کي منتقل ڪيو ويو آهي، شاهبندر، جاتي ۽ ڪيٽي بندر سمنڊ ڪناري موجود ڳوٺن مان 50 هزار ماڻهن جي لڏپلاڻ ٿيندي

شاهبندر جي ٻيٽن تان ٻه هزار ماڻهن کي ڪڍي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي، وزيراعليٰ سنڌ ماڻهن جي باحفاظت منتقلي سوڌو امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي

Leave A Comment