سامونڊي وسيلن تي وري وفاق جي نظر، پورٽ لينڊ اٿارٽي جو بل پيش : انٽرنيٽ ايجنسين جي ڪنٽرول ۾ آهي: اپوزيشن

ڊسمبر 17, 2024

اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) قومي اسيمبلي ۾ شهرين لاءِ ڊجيٽل سڃاڻپ جي قيام لاءِ ڊجيٽل آءِ ڊي جي نالي سان بل پيش ڪيو ويو. بل جو مقصد سماجي، اقتصادي ۽ گورننس ڊيٽا کي مرڪزي بڻائڻ آهي. آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزا فاطمه خواجه ڊجيٽل نيشن پاڪستان بل 2024ع پيش ڪيو. بل موجب هي قانونسازي “پاڪستان کي هڪ ڊجيٽل قوم ۾ تبديل ڪرڻ ۾ مدد ڪندي جيڪا ڊجيٽل سوسائٽي، ڊجيٽل معيشت ۽ ڊجيٽل گورننس کي ممڪن بڻائي سگهندو. بِل لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن اُماڻيو ويو، بِل موجب سرڪاري وهنوار کي ڊجيٽائيز ڪرڻ ۽ مختلف شعبن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ لاءِ 3 نوان ادارا قائم ڪيا ويندا جنهن جي سربراهي وزيراعظم پاڻ ڪندو.  وفاقي ڪابينا معيشت کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ ۽ اي گورننس جي فروغ لاءِ جون ۾ بل جي منظوري ڏني هئي. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ تارڙ چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف ڊي چوڪ واقعي تي ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي. راهه فرارکان بچڻ جي لاءِ بار بار مختلف تعداد ٻڌائي پئي وڃي. هن چيو ته پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين (پي آءِ اي) بابت ڳالهائڻ کان اڳ مخالف ڌر کي پنهنجي ماضي جي ڪارڪردگي ڏسڻ گهرجي. هن چيو ته جڏهن ڪرم ۾ لاش پيل هئا ته هي اسلام آباد ڏانهن لشڪر ڪشي ڪري رهيا هئا. ان وقت جيڪڏهن هنن ان مسئلي تي توجهه ڏني هجي ها ته اڄ هِتي لاشن جي ڳالهه ڪرڻ جي نوبت نه اچي ها.  عطا تارڙ چيو ته هي ڊي چوڪ واقعي بابت ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، پاڪستان تحريڪ انصاف لاشن جو صحيح تعداد ٻڌائي. ڪوڙ تڏهن ڳالهايو ويندو آهي جڏهن صحيح تعداد جي خبر نه هجي. پارٽيءَ جا مختلف اڳواڻ مختلف نمبر ڏئي رهيا آهن، وفاقي وزير چيو ته اهو ڪوڙو داستان آهي، اجلاس دوران پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر زرتاج گل ڊي چوڪ جي مبينا شهيدن جا نالا پڙهي ٻڌايا. هن اجلاس کي ٻڌايو ته هي بي حس حڪومت آهي، ڊيرا اسماعيل خان (ڊي آءِ خان) مان شهيد جو لاش 4 ڏينهن تائين پيل رهيو، هنن شهيدن کي دفنائڻ به نه ڏنو ويو، ماڻهن نظريي خاطر ڊي چوڪ آيا هئا، بجلي بند ڪري هٿين خالي ماڻهن مٿان گوليون هلايون ويون. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان کي ڪال ڪوٺڙي ۾ رکيو ويو آهي، کيس ڪنهن سان ملڻ جي اجازت ناهي، اسان جمهوريت تي يقين رکون ٿا، پر شهيدن جي قربانين سان پوئتي نه هٺنداسين. ڊي چوڪ واري ڌرڻي جي ڪوريج ڪندڙ صحافين کي به کنڀيو ويو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي لطيف کوسا چيو ته ڍاڪا سانحي جي جوابدارن کي اڃا تائين سزا ڇو ناهي ڏني وئي، ذوالفقار ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، سپريم ڪورٽ 45 سالن کانپوءِ چيو غلطي ٿي، 17 سيٽن وارو وزيراعظم آهي. ڇا ائين رياست اڳتي وڌي سگهي ٿي؟. هن وڌيڪ چيو ته اختر مينگل 26هين ترميم جي منظوري وقت پنهنجي سينيٽرن کي ڳولهي رهيو هو، 9 مئي، 9 فيبروري ۽ 26 نومبر جي سانحي جي لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙيو وڃي، اسان پاڪستان کي بدنام ڪرڻ نٿا چاهيون، اسان انصاف چاهيون ٿا.  پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته ماڻهن کي گوليون هنيون ويون، ماڻهن ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو؟ اسيمبلي جي ڪارروائي روڪي اِن تي بحث ٿيڻ گهرجي ها ته گوليون ڇو هنيون ويون، ڪرم ايجنسي ۾ 150 ماڻهو ماريا ويا، ڪنهن کي به پرواهه ناهي، اسيمبلي مذمت جو ٺهراءُ به پاس نه ڪيو، ڌرڻي جي متاثرين جي وارثن سان همدرديءَ لاءِ قرارداد پاس ٿيڻ گهرجي ها. محمود خان اچڪزئي چيو ته اسان کي مجبور نه ڪيو، اسان وٽ ايتري طاقت آهي جو ڪنهن کي به اسيمبلي ۾ ڳالهائڻ نه ڏينداسين، ڪرم ايجنسي جي عوام سان همدردي لاءِ هتان کان وفد وڃڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان ڪو به ڏوهه ناهي ڪيو، عمران خان کي آزاد ڪيو وڃي. نواز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان، عمران خان جي آزاي بعد هن حڪومت مان جان ڇڏائي وڃي. ن  ليگ حڪومت جي خاتمي تائين تحريڪ شروع ڪرڻ وڃون پيا. اسان مجبور ٿياسين ته عوامي طاقت ذريعي هن حڪومت کي ختم ڪرڻ جي لاءِ تحريڪ هلائينداسين. محمود اچڪزئي جي تقرير دوران پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پي ٽي آءِ جي ميمبرن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته پاڪستان ۾ انٽرنيٽ کي ايجنسيون ڪنٽرول ڪن ٿيون، انٽرنيٽ جي سست رفتاري جو بنيادي ڪارڻ اهو آهي ته سوشل ميڊيا تي عمران ڇانيل آهي ان کي ختم ڪيو پيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي ان تائين رسائي نه هجي، انٽرنيٽ جي اسپيڊ گهٽ سمنڊ اندر ڪيبل ڪٽجڻ يا فائيو جي آڪشن سبب ناهي، ڪاميٽي ۾ ڪيل ڳالهين ۾ به سچائي ناهي، اسان پاڻ کي اتر ڪوريا جي طرز تي بڻائي رهيا آهيون، وي پي اين نٿي هلي ان جي مذمت ڪريون ٿا.

اسلام آباد: ٻيٽن تي جديد شهر اڏڻ جهڙي تڪراري مسودي کانپوءِ هڪ ٻيو بل پيش ڪيو ويو، وفاقي حڪومت سنڌ ۽ بلوچستان جي بندرگاهن ۽ ڀرپاسي جي زمين تي هڪ ڀيرو اکيون کُپائيندي اتي سيڙپڪاري ۽ ترقي ڏيارڻ جي نالي تي لينڊ پورٽ اٿارٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪندي بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي. گهرو مامرن جي وزير محسن نقوي پاران قانون جي وزير لينڊ پورٽ اٿارٽي جي قيام جو بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو آھي جنهن کي وڌيڪ غور لاءِ ڪاميٽي ڏي اماڻيو ويو آھي. بل ۾ چيو ويو آھي ته هن قانون تحت  لينڊ پورٽ  اٿارٽي قائم ٿيندي. اٿارٽي هڪ ڪارپوريٽ باڊي هوندي جنهن جي هيڊ آفيس اسلام آباد ۾ قائم ٿيندي، جنهن کي متحرڪ غير متحرڪ ملڪيتن جي خريد، وڪرو ڪرڻ جو اختيار حاصل هوندو. اٿارٽي کي بندرگاهن تي تجارت کي هٿي ڏيڻ، پاڪستان جي قومي ۽ اسٽريٽجڪ مفادن جو تحفظ ڪرڻ، لينڊ پورٽ تي هوٽل، رهائشي عمارتون، ريسٽورنٽ، دڪان، تفريحي مرڪز قائم ڪرڻ جو اختيار حاصل هوندو. هن قانون تحت اٿارٽي انفرادي يا جوائنٽ وينچر يا پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ جي ذريعي مقامي ۽ بين الاقوامي ايجنسين، سرڪاري ادارن، ۽ نجي شعبي سان تجارتي منصوبا شروع ڪرڻ، ان جي رٿابندي ڪرڻ جو به اختيار هوندو. اٿارٽي کي اثاثن کي ليز تي ڏيڻ، قرض وٺڻ يا فنڊ گڏ ڪرڻ جو به اختيار هوندو. اٿارٽي ڪنهن به شخص، اداري، ڪمپني، ايجنسي، اٿارٽي، قومي يا بين الاقوامي تنظيم سان ڪو به معاهدو يا انتظام ڪري سگهندي ۽ لينڊ پورٽ جي آپريشنز ۽ ڪنهن به ڪم يا سرگرمي کي آئوٽ سورس ڪري پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ سان هلائڻ جو به فيصلو ڪري سگهي ٿي.

Leave A Comment