سامونڊي پاڻي ڪيٽي بندر جي حفاظتي بند کي اوور ٽاپ ڪرڻ لڳو: شهر 80 سيڪڙو خالي: جوهو کي به خطرو

جُون 13, 2023

ٺٽو ( رپورٽ : اسماعيل ميمڻ ) ساموندي طوفان بائپر جواءِ ۾ شدت اچڻ بعد سامونڊي پاڻي ڪيٽي بندر جي حفاظتي بند کي اوور ٽاپ ڪرڻ لڳو آهي جڏهن ته  شهر 80 سيڪڙو خالي ٿي ويو آهي، گهوڙاٻاري تعلقي جي شهر  جوهو کي به خطرو پيدا ٿيڻ بعد ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ فوج جا جوان پهچي ويا آهن

سامونڊي طوفان جي شدت اختيار ڪري وڃڻ بعد ٺٽي جي ضلعي انتظاميه 8 کان 10 هزار آبادي واري سنڌ جي تاريخي شهر ڪيٽي بندر مان شهرين کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ لاءِ ڪيٽي بندر شهر کي مڪمل خالي ڪرائڻ جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو آهي

 هن مهل تائين تاريخي شهر ڪيٽي بندر مان 80 سيڪڙو کان مٿي انساني آبادي جي گھر خالي ڪري مختلف محفوظ هنڌن تي وڃڻ سبب تاريخي شهر ويراني جو ڏيک ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته رهيل 20 سيڪڙو ڪيٽي بندر شهر ۽ ان جي ڀرپاسي واري آبادي کي پڻ تيزي سان ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي

 ٻئي پاسي ڪيٽي بندر جي حفاظتي بچاءَ بند سان تيز هوائن جي گھلڻ سان سامونڊي تيز ڇولين جي مسلسل بند سان ٽڪرائجڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي سالن کان ڪيٽي بندر جي بهتر نموني مرمت ۽ پٿرن جي پيچينگ نه ٿيڻ ڪري حفاظتي بچاءَ بند سان مسلسل تيز هوائن سان گڏ ڇوليون  حفاظتي بند سان ٽڪرائي رهيون آهن

 ضلعي انتظاميه پاران فوري طور تي جوڙيل پلان بي تي ڪم ڪندي ڪيٽي بندر شهر کي مڪمل خالي ڪرائڻ جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو آهي

 هوڏانهن ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ ، گھوڙاٻاري ۽ ساڪرو جي وسيع سامونڊي پٽي ۾ پڻ سامونڊي طوفان بائپر جواءِ جي اثر جي شدت سان ظاهر ٿيڻ سان گڏ تيز هوائن جي گھلن توڙي سمنڊ جي پاڻي ۾ ڀراءُ اچڻ ڪري گھوڙاٻاري جي مک شهر جوهو کي پڻ انتظاميه پاران مڪمل خالي ڪرائڻ جو سلسلو تيز ڪيو ويو آهي

 گھوڙاٻاري ڪيٽي بندر ، کاروڇاڻ جي مرڪزي شهرن کاروڇاڻ ، سڄڻ واري ، ٺاري واري ۽ ٻين ان جي ڀرپاسي وارن شهرن کٿو ، ٻابيو ، ڦاٽ ، جنگيسر جي رهواسين کي پڻ انتظاميه پاران سامونڊي طوفان جي خطري واري صورتحال کي سامهون رکندي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي

 هنگامي حالتن هوندي ٽرانسپورٽ جي گھٽ هجڻ ڪري هتان جي رهواسين کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرائڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي جڏهن ته ضلعي انتظاميه پاران ميرين ٽائيم ايجنسي م پاڪ فوج ۽ پوليس جي مدد سان ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي ڪڍڻ جو سلسلو جاري ڪيو ويو آهي

 ڪيٽي بندر ، کاروڇاڻ ، گھواڙاٻاري ۽ ساڪرو جي ڪيترن کي سمنڊ اندر ٻيٽن تي رهندڙ ماڻهن کي پڻ ٻيڙين ۽ لانچن ذريعي ٻاهر ڪڍيو پيو وڃي

انتظاميه جو چوڻ آهي  ته هن مهل  تائين ڪيٽي بندرشهر م جوهو شهر ۽ سمنڊ جي اندرين ٻيٽن سميت گھوڙاٻاري جي مختلف سامونڊي وسندين مان 20 هزار کان مٿي ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي

 وڌيڪ ماڻهن کي طوفان جي ٽڪرائڻ کان اڳ ريسڪيو وارو عمل جاري رکندي سموري سامونڊي پٽي جيڪا ضلعي ٺٽي ۾ اچي ٿي هتان جي رهواسين هر صورت ۾ ٻاهر آندو ويندو

جڏهن ته ٺٽي ضلعي جي ساموڻڊي تعلقن ڪيٽي بندر ، گھوڙاٻاري ، ساڪرو ۽ کاروڇاڻ جي سامونڊي علائقن ۾ سامونڊي طوفان شدت جي بدستور جاري هجڻ بعد هوائن ۾ به تيزي اچي رهي آهي

 سمنڊ جي اٿندڙ ڇولين ۾ پڻ لاڳيتو اضافو اچڻ ڪري ڄاڻايل تعلقن جي مٿانهن وارن علائقن ۾ پڻ سخت خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي

لاڳاپيل پوسٽون

  • فيلڊ مارشل، ٽرمپ ملاقات، ايران – اسرائيل تڪرار تي ڳالهه ٻولهه

  • ايران-اسرائيل جنگ، عالمي صف بندي تيز ٿي وئي ، ڪير ڪنهن سان گڏ بيٺو آهي؟

  • ايران جو اسرائيل تي ڏهون وڏو حملو

  • ايران جو صبح سوير اسرائيل تي وڏو حملو ، 100 کان وڌيڪ ميزائل فائر، 14 اسرائيلي مارجي ويا ۽ 380 زخمي ٿيا