سامونڊي پٽي مان سڀني ماڻهن کي منتقل ڪرڻ جي دعويٰ

جُون 14, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) موسمياتي تبديلي بابت وفاقي وزير شيري رحمان سامونڊي پٽي مان سمورن ماڻهن کي محفوظ هنڌ  منتقل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران شيري رحمان چيو ته سامونڊي طوفان بپر جواءِ سڀاڻي ڪيٽي بندر سان ٽڪرائيندو، جنهن ڪري ساحلي علائقن مان ماڻهن جي منتقلي واري عمل کي مڪمل ڪيو ويو آهي

هن چيو ته پي ڊي ايم موجب هيل تائين 65 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي جن کي 36 ڪيمپن ۾ رکيو ويو آهي، سمورا ادارا متحرڪ آهن

Leave A Comment