سامونڊي پٽي مان لڏپلاڻ: بدين، ٺٽي، سجاول جي آبادي رات تائين منتقل

جُون 12, 2023

ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌ سرڪار سامونڊي طوفان کان بچڻ لاءِ سنڌ جي سامونڊي پٽي جا شهر ۽ ڳوٺ خالي ڪرائڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي

وزيراعليٰ سنڌ  مراد علي شاهه جي صدارت ۾ سامونڊي طوفان واري صورتحال جي جائزي لاءِ اجلاس ٿيو

ڪيٽي بندر ۾ وزيراعليٰ جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ وڏي وزير کي انتظامن ۽ صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سامونڊي طوفان جي خطري سبب ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ، علي بندر، شاهبندر، بابا ڀٽ، مبارڪ وليج، چوهڙ جمالي سميت بدين، ٺٽي ۽ سجاول جي سامونڊي پٽي جي 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي اڄ رات تائين محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويندو

وڏي وزير مراد علي شاهه ڪوسٽ گارڊ، نيوي، پوليس ۽ روينيو عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته قلم 144 تي فوري عمل ڪندي ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو وڃي جنهن لاءِ اسڪولن سوڌو مختلف عمارتن ۾ ڪيمپون قائم ڪيون پيون وڃن

لاڳاپيل پوسٽون

  • روس جي سفير پاران موهن جو دڙو جو دورو

  • لاهور واسڻ ناري عدالت پيش

  • ٽائيم نيوز رپورٽر مرتضيٰ نوحاڻي جي گهر حملو

  • ميهڙ: گم ٿي ويل ڳوٺاڻي جو لاش هٿ