| سامونڊي پٽي مان کيکڙن جي ايڪسپورٽ بند، لکين ماهيگير بيروزگار، معاشي بدحالي گهر ڪري وئي |
ٺٽو (رپورٽ : اسماعيل ميمڻ) سنڌ جي سامونڊي پٽي جي 6 ضلعن ۾ گذريل ٻن ھفتن کان ڪوڪن (کيکڙن) جي ايڪسپورٽ بند ھجڻ خلاف واپارين ۽ ماھيگيرن پاران شدي رد عمل ظاھر ڪندي حڪومت جي لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪري ڇڏي، ڪوڪن جي چين ۽ ٻين ملڪن ۾ ٿيندڙ ايڪسپورٽ بحال ڪرائي ماھيگرن ، واپارين ۽ مختلف ڪمپنين جي پورھيتن جي لکين خاندانن کي معاشي بدحاليءَ جي ور چڙھڻ کان بچايو وڃي . پريس ڪلب ٺٽي ۾ سنڌ ڪوسٽل ڪريب ائسوسيئيشن جي اڳواڻن مجيد ٿھيم ، جاني شورو ، حاجي ھارون ٿھيم ، يار محمد جوکيو ، محمد صالح ناريجو ، احمد مبراڻي ، علي ملاح ، اشرف ملاح ، رياض زنگيجو ، منصور ميمڻ ، ناصر رند ، موئين الدين بنگالي ، سومار شاھ ، صابو خاصخيلي ، لالا ٿھيم ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪرڻ سان گڏ احتجاجي مظاھرو ڪندي چيو آھي ته سنڌ جي سامونڊي پٽي جي 5 ضلعن ڪراچي کان ويندي بدين ضلعي تائين لکين ماھيگيرن جو روزگار ڪوڪن (کيکڙن) تي آھي، پر گذريل ٻن ھفتن کان وٺي ڪُوڪن (کيکڙن) جي چائنا ڏانھن ٿيندڙ ايڪسپورٽ بند ٿي ويئي آھي ۽ ڪوڪن جي ايڪسپورٽ جي صنعت جي بند ٿيڻ ڪري سنڌ جي سامونڊي پٽي جي ڪراچي، ملير، ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعن جا 7 لک کان مٿي مھاڻن ، واپارين توڙي فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ پورھيت روزگار بند ٿيڻ ڪري سخت متاثر ٿيا آھن ھنن چيو ته متاثر ٿيندڙ ۾ گھاتو، خلاصي واپاري ۽ مزدور ماھيگير شامل ھجڻ سان گڏ 50 کان 60 ايڪسپورٽ ڪمپنيون ۽ انھن ۾ شامل مزدور پڻ پريشانين کي منھن ڏيئي رھيا آھن، ھنن چيو ته ڪوڪي، کيکڙن جي ايڪسپورٽ جي بند ٿيڻ سان پاڪستان کي پڻ ھن وقت تائين لڳ ڀڳ 50 ملين ڊالرن جو نقصان ٿي چڪو آھي، جيڪا صنعت اڳ ئي بحران جو شڪار بڻيل آھي ۽ ايڏي وڏي نقصان باوجود ھينئر تائين لاڳاپيل کاتن خاص ڪري ميرين افيئرز جي وفاقي وزير، سنڌ حڪومت، ميرين فشريز کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل، فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي جي چيئرپرسن ۽ پاڪستان فيا جي صدر به ڪو تحرڪ ناھي ورتو، جنھن ڪري ڪوڪن جو ڪاروبار ڪندڙ لکين مھاڻن ، پورھيتن ۽ واپارين جو خاندان سخت پريشانين کي منھن ڏيڻ تي مجبور بڻيل آھي، ھنن گھر ڪئي آھي ته فوري طور تي ڪوڪن واري ايڪسپورٽ جي صنعتي بحران کي جلد کي جلد حل ڪرايو وڃي.