ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) حيدرآباد جي ڪمشنر وڏي وزير مراد شاهه کي ساموندي پٽي مان ريسڪيو ڪيل ماڻهن بابت رپورٽ ڏئي ڇڏي آهي
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ جي ساحلي پٽيءَ مان 70 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڪڍيا ويا آهن، ساحلي پٽيءَ جي 97 سيڪڙو رهواسين کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي
ڪمشنر حيدرآباد جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪيٽي بندر، گهوڙا ٻاري، شاهه بندر، کاروڇاڻ ۽ جاتي جا زميني رابطا ڪاٽا ٿي ويا آهن
رپورٽ موجب بدين، ٺٽو ۽ سجاول جي ساحلي پٽيءَ تي تيز برساتن جو سلسلو به شروع ٿي ويو آهي، ٽنهي ضلعن ۾ مجموعي طور 44 رليف ڪيمپس قائم ڪيون ويون آهن جن ۾ 34 هزار 766 ماڻهن کي ترسايو ويو آهي
ٻئي طرف اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته سنڌ جي ساحلي پٽيءَ تان هيل تائين 81 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي
پي ڊي ايم اي سنڌ جو چوڻ آهي ته مقامي انتظاميا پاران 75 رليف ڪيمپس قائم ڪيون ويون آهن، پاڪ فوج، نيوي ۽ رينجرز جي مدد سان 73 هزار ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو ويو آهي، ڪيمپن ۾ متاثرين کي کاڌ خوراڪ ۽ ٻيون سهولتون ڏنيون ويون آهن