ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سامونڊي طوفان بائپر جواءِ ۾ شدت اچي وئي، ڪراچي پورٽ تي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي
سامونڊي طوفان سنڌ جي سامونڊي حدن ڏانهن وڌي رھيو آھي، سامونڊي طوفان بائپر ڪراچي کان ڏکڻ پاسي 770، ٺٽي کان ڏکڻ طرف 750 ڪلوميٽرز پري ۽ اورماڙا کي ڏکڻ اوڀر کان 860 ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي، سامونڊي طوفان 12ڪلاڪن دوران اُتر اولهه ۽ اُتر طرف وڌي رهيو آهي اُن ٽريڪ ۾ عمان ۽ پاڪستان جا ساحلي علائقا اچن ٿا
موسميات کاتي موجب سامونڊي طوفان ٺٽي کان 750 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي آھي ۽ 140 کان 160 ڪلو ميٽر جي في ڪلاڪ رفتار سان اڳتي وڌي رھيو آھي
پي ڊي ايم اي پاران طوفان سبب ملاحن کي سمنڊ ۾ وڃڻ کان روڪيو ويو آهي، ڪراچي جي سمنڊ تي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي
طوفان جي مرڪز ۽ ڀرپاسي هوائن جي رفتار 130 کان 140 ڪلوميٽرز في ڪلاڪ آهي، سمنڊ ۾ سازگار ماحول طوفاني سسٽم کي وڌيڪ خراب ڪرڻ ۾ مدد ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان جي مهاڻن کي اونهي سمنڊ ۾ نه وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي
پابندي باوجود ماڻهو سمنڊ ڪناري موجود آهن ۽ مڇي جو شڪار به ڪري رهيا آهن، پابندي باوجود مهاڻا به سمنڊ ۾ لائونچن سان گڏ موجود آهن