واشنگٽن(پنهنجي ڊيسڪ) سانا جو 39 ساليانو ڪنوينشن اڄ کا شڪاگو ۾ شروع ٿيندو، موسمي تبديلين جي تباھه ڪارين کان سنڌ کي ڪيئن بچائي سگھجي ٿو جي موضوع تي ڪانفرنس ٿيندي
سانا پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ھن سال سانا ھڪ خاص بحث ”سنڌ کي ڪيئن ترقي وٺرائي سگھجي ٿي“ جو انتظام ڪيو ويو آهي ان سيشن جي ميزباني ڊاڪٽر وليد شيخ ڪندو جڏهن ته مقرر ڊاڪٽر قيصر بنگالي هوندو
ڪانفرنس ۾ سانا طرفان ھن سال شروع ٿيندڙ نون منصوبن ء پيش قدمين بابت ھڪ الڳ سيشن ٿيندو جتي نون پروگرامن جي نوعيت بابت تفصيل پيش ڪيا ويندا. جن ۾ خاص ڪري سانا جي الئيف ميمبر مرحوم علي نواز ميمڻ جي ياد ۾ ”انمول“ جي نالي سان نوجوانن لاءِ ڪاروباري ۽ پروفيشنل تربيت ۽ قرضن لاءِ پروگرام شامل آهي جنھن جي اڳواڻ ڪامران ميمڻ، حسنين شيخ ۽ ڊاڪٽر سرفراز ميمڻ ڪري رھيا آھن
محفل موسيقي ۾ ھن سال انڊيا مان ڪاجل چندي راماڻي، جتن اداسي سر وکيريندا جڏهن ته آمريڪا ۽ ڪينيڊا مان آيل ليکڪ بالل مھيسر ۽ سلمان مخدوم ڪالم پيش ڪندا
ڪانفرنس ۾شڪاگو جو ھڪ مقامي ميوزڪ گروپ نيٿن ٽورينس جي اڳواڻي ۾ ٽيئي راتيون الغوزو وڄائيندا سانا جي ميڊيا ڪميٽي چيئرمين نعمان رستم شيخ جي اڳواڻي ۾ ٽيئي ڏينھن ڪانفرنس جي لائيو ڪوريج جو بندوبست ڪيو ويوآھي
آخري ڏينھن تي سانا جي جنرل باڊي جو اجلاس ٿيندو جنھن ۾ ھن سال چونڊيل باڊي پنھجي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪندي ۽ ميمبر سوال جواب ڪندا
ٻئي طرف ڪنوينشن جي مقامي آرگنائيزنگ ڪميٽي جي چيئر ڊاڪٽر خليل ميمڻ سمورن انظامن جو جائزو ورتو