سانا ڪنونشن جي راڳ ۽ ثقافتي پروگرام سان خوبصورت پڄاڻي

جُولاءِ 6, 2023

شڪاگو(رپورٽ:دودو چانڊيو) آمريڪا ۾ سانا ڪنونشن جي راڳ ۽ ثقافتي پروگرام سان خوبصورت پڄاڻي واهه واهه ڪرائي ڇڏي

آمريڪا جي شهر شڪاگو ۾ ٽن ڏينهن تائين جاري رهيل سنڌي ايسوسئيشن آف نارٿ آمريڪا جو 39 هون ساليانو ڪنوينشن پڄاڻي تي پهتو، ڪنوينشن ۾ سنڌ جي معاشي صورتحال، ٻوڏ جي تباھ ڪارين، نوجوانن لا روزگار جا موقعا، ٽقافتي پروگرام ۽ راڳ رنگ جون محفلون به ٿيون

 مختلف سيشنن کي دوالفقار علي ڀٽو جونيئر، قيصر بنگالي، عطا چانهيو، محب علي شاھ، ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو، ڊاڪٽر نديم قمر ، حسن مجتبا ، مسرت شاهه، نازش بروهي ۽شوڪت زرداري ٻين خطاب ڪيو

مشاعري ۾ حسن مجتبا، اياز گل، آمنا بٽر، غفار تبسم ۽ ٻين شاعري پڙهي، راڳ رنگ جي محفلن ۾ جيتن اداسي، ڪاجل رامچنداڻي، مخدوم سليمان بلال مهيسر ۽ ٻين حصو ورتو

مرڪو پرنسولي جي تيار ڪيل ڊاڪيومينٽري اڃان به قائم ڏيکاري وئي جڏهن ته سهائي ابڙو رقص پيش ڪري ڪنوينشن ۾ شريڪ ماڻهن جون دليون کٽي ورتيون

 سانا ڪانفرنس ۾ آمريڪا جي مختلف رياستن کان سوائي ڪئناڊا، پاڪستان ۽ لنڊن سميت دنيا جي مختلف ملڪن جي سنڌين وڏي شرڪت ڪئي

Leave A Comment