9 مئي حملا سنگين نوعيت جا آهن پر ٽرائل منصفاڻو ٿيڻ گهرجي: بنديال

جُولاءِ 19, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) چيف جسٽس عمر عطا بنديال فوجي عدالتن ۾ سولينز جي ٽرائل خلاف درخواستن تي ٻڌڻيءَ دوران رمارڪس ڏنا آهن ۽ چيو آهي ته ڪو شڪ ناهي ته 9 مئي تي ٿيل حملا سنگين نوعيت جا آهن، گرفتار ٿيل ماڻهو ٽرائل ۾ وڃڻ لاءِ تيار آهن پر ٽرائل منصفاڻو هئڻ گهرجي، درخواست گذار گرفتار ٿيل ماڻهن کي آزاد ڪرڻ يا سز ا نه ڏيڻ جي ڳالهه نه پيا ڪن

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 6 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، بينچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس منيب اختر، جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي ۽  جسٽس عائشه ملڪ شامل آهن، ٻڌڻي جي شروعات ۾ اٽارني جنرل منصور عثمان اعوان دليل ڏنا ۽ 9مئي واقعن جا تفصيل پيش ڪيا

چيف جسٽس اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته اڳو اهو ٻڌايو ته هنن ماڻهن جو ڪيس ڪيئن اڻ ڌريو ڏٺو ويندو؟ اٽارني جنرل چيو ته جوابدارن جا ڏوهه سول نوعيت جا نه آهن، جوابدارن تي قلم 302 به لڳايو ويو آهي

جسٽس مظاهر علي نقوي سوال ڪيو ته ڇا ڪنهن فوجي آفيسر جو موت ٿيو آهي؟ اٽارني جنرل چيو ته ڪنهن آرمي آفيسر جي جاني نقصان جو ڪو اطلاع نه آهي

اٽارني جنرل 9 ۽ 10 مئي جي واقعن جون تصويرون عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيون، اٽارني جنرل چيو ته تصويرون ڏيکارڻ جو مقصد اهو آهي ته 9 مئي ڪو حادثو نه آهي پر سوچيل سمجهيل سازش تحت حملا ڪيا ويا

اٽارني جنرل چيو ته9 مئي جي واقعن جي ٽائيم لائن سامهون رکڻ چاهيان ٿو، مظاهرين 9 مئي تي 3 وڳي کان 7 وڳي تائين مختلف علائقن ۾ فوجي ٺڪاڻن کي نقصان پهچايو، ميانوالي ۾ ايم ايم عالم جو استعمال ڪيل جهاز ساڙيو ويو، ڪور ڪمانڊر هائوس لاهور کي شديد نقصان پهچايو ويو

اٽارني جنرل چيو ته پنجاب ۾ 62 هنڌن تي حملا ڪيا ويا جنهن ۾ 52 ڄڻا زخمي ٿيا، 9 مئي تي 2 ڏهائي 5 ارب رپين جي ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو، ڏيڍ ارب رپين جو فوجي ملڪيتن کي نقصان پهتو، 19 گاڏين کي ساڙيو ويو، حملا ڪندڙن 9 مئي تي پئٽرول بم استعمال ڪيا

 چيف جسٽس اٽارني جنرل کان پڇيو ته ڇا مظاهرين مسجد تي حملو ڪيو؟ اٽارني جنرل چيو ته 9 مئي تي ڪورڪمانڊر هائوس جي اندر مسجد تي به حملو ڪيو ويو، سي ايم ايڇ ايبٽ آباد تي حملو ڪيو ويو ۽ موٽروي ٽول پلازه کي ساڙيو ويو، هڪ حملو ڪندڙ ڪور ڪمانڊر جي وردي پهري ورتي هئي فوجي آفيسر پوليس وانگر مظاهرين سان وڙهڻ لاءِ تربيت يافته ناهن هوندا

چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ڇا اوهان اهو چئي رهيا آهيو ته فوجي صرف گولي هلائڻ ڄاڻيندا آهن؟ جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته فوجي آفيسرن کي ان طرح جٿن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ ناهي سيکاريو ويندو، جسٽس مظاهر نقوي چيو ته جن ماڻهن جو اوهان ٽرائل ڪرڻ چاهيو ٿا اهي سويلين آهن ڇا آرٽيڪل 2/175 کي نظر ۾ رکڻ بنا سويلين جو ٽرائل ٿي سگهي ٿو؟

چيف جسٽس چيو ته 9مئي جا واقعا پنهنجي نوعيت جا پهريان واقعا آهن اوهان موجب 9مئي کان اڳ ڪڏهن به سويلين فوجي ملڪيتن تي حملو ناهي ڪيو، جيڪي 102 ماڻهو فوجي حراست ۾ آهن انهن جو تحفظ ڪيئن يقيني بڻايو ويندو؟ اهو نقطو به آهي ته ميجسٽريٽ جا اختيار ٻيو ڪير استعمال ڪري سگهي ٿو؟ فوجداري معاملن جو ماهر ناهيان پر جيڪي قلم لڳايا ويا آهن انهن کي به ڏسڻو پوندو، درخواستگذار اهو نه چئي رهيو آهي ته انهن ماڻهن کي آزاد ڪريو ۽ سزا نه ڏني وڃي صرف اهو ٻڌايو ته ڪيئن انهن ماڻهن جو ڪيس غيرجانبداري سان ڏٺو ويندو؟

جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته اوهان اپيل جو حق آرمي ايڪٽ تحت ڏيو، آئيني ترميم آڻيو، عدالت کان اپيل جو حق ڇو گهري رهيا آهيو؟ چيف جسٽس سوال ڪيو ته سيڪشن 7 تحت ملٽري ڪورٽس ۾ سزا ڪيتري آهي؟ اٽارني جنرل چيو ته سيڪشن 7 ۽ 9 تحت فوجي عدالتن ۾ سزا 2 سال قيد آهي

جسٽس منيب جو چوڻ هو ته آرمي ايڪٽ انهن ماڻهن لاءِ ڊزائن ڪيو ويو جن تي بنيادي حق لاڳو نٿا ٿين، آرمي ايڪٽ ۾ ڪوئي غلطي ناهي، قانون مخصوص ماڻهن لاءِ ٺاهيو ويو، هاڻ انهن ماڻهن کي به آرمي ايڪٽ جي دائري ۾ گهليو پيو وڃي جن کي بنيادي حقن جو تحفظ آئين فراهم ڪري ٿو، اوهان جيڪا ڊيٽا پيش ڪئي ان جون حقيقتون ۽ الزامن جي نوعيت گهڻي سنگين آهي

جسٽس مظاهر چيو ته ملٽري ڪورٽس فيصلن ۾ صرف ايترو ئي لکنديون آهن ته ڏوهه ثابت ٿيو يا نه، چيف جسٽس چيو ته اوهان کي مطمئن ڪرڻو پوندو ته ٽرائل بعد اپيل جو حق هوندو، جاسوسي الزام ۾ گرفتار ڪلڀوشن کي هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل جو حق ڏنو ويو هو

اٽارني جنرل چيو ته قانونسازي ذريعي هڪ ايلين کي حق ڏنو ويو، جسٽس اعجاز الاحسن مسڪرائيندي چيو ته اهو ايلين آهي يا انڊين؟ لفظ ايلين جي ته ڪجهه ٻي تشريح آهي

چيف جسٽس چيو ته اوهان کي تجويز ڏيون ٿا ته آرمي ايڪٽ تي هدايتون وٺون، آرمي ايڪٽ مخصوص ڪلاس تي لڳندو آهي سڀني تي ناهي لڳندو، اوهان کي هڪ ٻن ڏينهن جو وقت وٺو

چيف جسٽس چيو ته مليڪتن کي جهڙي نوعيت جو نقصان ٿيو عام عدالتن ۽ سول قانون ۾ ته پوءِ سزا وڌيڪ ٺهي ٿي، جوابدارن جو ٽرائل جيڪڏهن سول عدالتن ۾ ٿيو ته سزائون شايد وڌيڪ سخت هونديون

سپريم ڪورٽ ٻڌڻي جمعي ڏينهن صبح ساڍي نائين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Leave A Comment