سانگهڙ: ايس پي آفيس جي اڪائونٽنٽ تي حملي ۾ اهلڪار ملوث نڪتا: 3 سوگها 

سانگهڙ: ايس پي آفيس جي اڪائونٽنٽ تي حملي ۾ اهلڪار ملوث نڪتا: 3 سوگها 

سانگهڙ (رپورٽر) سانگهڙ جي ايس ايس پي آفيس جي اڪائونٽنٽ تي حملي ۾ پوليس اهلڪار ملوث نڪتا، ان ڏس ۾ سانگهڙ پوليس 4 مهينا اڳ ايس ايس پي آفيس جي اڪائونٽنٽ سرور جعفري تي قاتلاڻي حملي ۾ ملوث اڳوڻي سي آءِ اي انچارج ۽ موجوده ٽريفڪ سارجنٽ انسپيڪٽر اڪبر مري ، سپاهي عليم ملڪ ۽ پرائيويٽ ملازم مبشر کي گرفتار ڪري ورتو ياد رهي ته چار مهينا اڳ اڪائونٽنٽ سرور جعفري  نامعلوم هٿياربندن جي حملي ۾ زخمي ٿي پيو هو. واقعي جو ڪيس نامعلوم جوابدارن خلاف داخل ڪرايو ويو هو.