اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سانگهڙ جي ٻن صوبائي تڪ پي ايس 41 ۽ پي ايس جي تڪبندين خلاف درخواستن تي اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو
درخواستگذار جي وڪيل بيرسٽر قاسم نواز عباسي دليل ڏيندي چيو ته سانگهڙ جي ٻن صوبائي سيٽن تي من پسند تڪبنديون ڪيون ويون، جنهن سان پيپلزپارٽي کي فائدو ۽ فنڪشنل ليگ کي نقصان ٿيو آهي
وڪيل اپيل ڪئي ته پراڻيون تڪبنديون بحال ڪيون وڃن، عدالت اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪندي سڀاڻي جواب طلب ڪري ورتو آهي