سانگهڙ سول اسپتال جي نااهلي: گائني وارڊ مان تازو ڄاول ٻارڙو گم: وارثن جو احتجاج

سانگهڙ سول اسپتال جي نااهلي: گائني وارڊ مان تازو ڄاول ٻارڙو گم: وارثن جو احتجاج

سانگهڙ (رپورٽر) سانگهڙ سول اسپتال جي نااهلي: گائني وارڊ مان تازو ڄاول ٻارڙو گم، وارثن جو احتجاج، ان ڏس ۾  سانگهڙ جي سول اسپتال مان تازو ڄاول ٻارڙو گم ٿي ويو ،اهڙي صورتحال وارثن ۾ پريشاني جي لهر پکيڙي ڇڏي. منگلي جي رهواسي چندر ڀيل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندس ننهن مسمات آسو ڀيل جي آپريشن ذريعي ٻار جي پيدائش ٿي، آپريشن کي 4 ڪلاڪ گذرڻ باوجود اسپتال انتظاميا کين ٻار حوالي ناهي ڪيو. هن چيو ته ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته اسان ٻار وارثن کي ڏئي چڪا آهيون، جڏهن ته اسان کي ڪو به ٻار ناهي مليو. اسان پريشان آهيون ته اسان جو ٻار ڪيڏانهن آيو؟ ٻئي طرف سول اسپتال جي  ڊاڪٽر الهورايو بوزدار ميڊيا کي ٻڌايو ته هي واقعو غلط فهمي جو نتيجو آهي. ڀيل برادري جي ٻن مختلف عورتن جي ڊليوري ٿي هئي. ٻنهي جا ٻار هڪ ئي آءِ سي يو ۾ رکيا ويا هئا، بدقسمتي سان هڪ ٻار فوت ٿي ويو هو، ٻي عورت جا وارث غلطي سان ٻار کي پنهنجو سمجهي کڻي ويا، ڊاڪٽر ﷲ ورايو بوزدار موجب ٻار کڻي ويندڙ خاندان سان رابطو ٿيو آهي، اصل  ٻارڙو وارثن حوالي ڪيو ويندو. وارثن انهي غفلت تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.