سانگهڙ: شهري ڊرم۽ ڪين کڻي پيٽرول پمپن تي پهچي ويا

سانگهڙ: شهري ڊرم۽ ڪين کڻي پيٽرول پمپن تي پهچي ويا

سانگهڙ (رپورٽر) عالمي منڊي ۾ تيل بحران جون خبرون سامهون اچڻ بعد سانگهڙ ضلعي ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جو وڏي پيماني تي ذخيرو ڪرڻ جو رجحان وڌي ويو آهي، شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن مان ڪيترائي ماڻهو وڏا وڏا ڊرم، ڪين ۽  ڪنٽينر کڻي مختلف پيٽرول پمپن تي پهچي ويا، شهر جي مختلف پيٽرول پمپن تي ڊرم کڻي ايندڙ ماڻهن جي رش ڏسڻ ۾ اچي رهي هئي، هوڏانهن شهرين مطالبو ڪيو آهي ته انتظاميا ذخيرا اندوزي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري