ضلعي اندر حڪمران جماعت پيپلزپارٽي 4 شخصي گروپن ۾ ورهايل آھي، جنهن ۾ ڏيرا گروپ، جوڻيجا گروپ، شازيه مري گروپ، ٿهيم گروپ شامل آهن، هر گروپ جي خواهش آهي ته اسان جي گروپ جو چيئرمين اچي
چئني گروپن ڪارڪنن کي اھو تاثر ڏئي ڇڏيو آھي ته ضلعي جي چيئرمين شپ سندن آھي، حتمي نالو اچڻ جي دير آھي. اھڙي ماحول ۾ ڪارڪن به لڪي لڪي ھر ھائوس تي حاضريون ڏئي رھيا آھن
ٻئي طرف مخصوص سيٽن تي به چئني گروپن ۾ ڇڪتاڻ جاري آھي جنهن سبب پ پ قيادت جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن، ضلعي ڪائونسل جي 73 ميمبر مان 51 ميمبر پيپلزپارٽي جا آهن 21 جي ڊي اي جا ۽ هڪ آزاد اميدوار ڪامياب ٿيل آھي
پراڻا سياسي تجزيا نگار پيپلز پارٽي کي عددي اڪثريت باجود سندن انگ کي گروپن ۾ ڏسي تجزيا ڪري رھيا آھن، ڏيرا گروپ جا 17 ميمبر جوڻيجا گروپ جا 13 شازيه مري گروپ جا 11 ۽ ٿهيم گروپ جا 10 ميمبر ٻڌايا پيا وڃن
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌرين کي جيڪڏھن سيٽ نه ملي ته اھي ماضي جي روايت کي به ورجائي سگھن ٿا جيئن گذريل مڪاني چونڊن ۾ ضلع ڪائونسل جي چونڊن ۾ ڏيرا گروپ جي پسند جو چيئرمين نه ٿيڻ ڪري ڏيرا گروپ پنهنجا 14 ووٽ خارج ڪيا هئا