| سانگهڙ: فنڪشنل ليگ جي 13 مان 5 اڳواڻن جي ضمانت |
سانگهڙ (رپورٽر) جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري جي فرزند راشد شاهه راشدي جي سانگهڙ آمد دوران پيپلز پارٽي جا جهنڊا ۽ پينا فليڪس ڦاڙڻ واري ڪيس ۾ سانگهڙ جي عدالت فنڪشنل ليگ جي نامزد 13 مان 5 ڄڻن محسن هنڱورو، شھزاد خاصخيلي، احمد سڌو، سيف الله مغل ۽ بچل ڌاريجو جي 12 جنوري تائين عبوري ضمانت منطر ڪري ورتي، هوڏانهن عدالت ٻاهران فنڪشنل ليگ سنڌ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري وقار جٽ، فيصلائتي ڪاميٽي جي چيئرمين سعيد خان نظاماڻي ۽ خليفو هاشم خاصخيلي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پير صاحب پاڳاري جي فرزند جي آمد تي نوجوانن جي وڏي شرڪت ڏسي پ پ قيادت وائڙائپ جو شڪار ٿي وئي آهي. هنن چيو ته فنڪشنل ليگ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ انتقامي ڪارروائي آهي