سانگهڙ فيميل نرسنگ ڪاليج ۾ بي ضابطگيون، رپورٽ طلب

جُون 27, 2025

سانگھڙ ( پنهنجي ڊيسڪ ) سانگهڙ جي  فيميل نرسنگ ڪاليج ۾  مبينا طور ٻه سال غير حاضر ڪلينڪل انسٽرڪٽر کي باقاعدگي سان پگهارون جاري ڪرڻ جو انڪشاف، ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار پاران موقف  وٺڻ تي  ڊائريڪٽر نرسنگ پاران رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي، سانگھڙ جي فيميل نرسنگ ڪاليج ۾ وڏي مالي بي ضابطگيءَ جو انڪشاف ٿيو آهي، جتي ڪلينڪل انسٽرڪٽر عنبرين مبينا طور گذريل ٻن سالن کان بنا ڊيوٽي جي پگهارون وصول ڪندي رهي آهي، ان بابت جڏهن    ٽائيم نيوز” ۽ “پنهنجي اخبار” پاران تحقيقاتي خبر لاءِ نرسنگ ڊائريڪٽوريٽ سان رابطو ڪيو ويو ته ڊائريڪٽر نرسنگ فوري طور تي ڪاليج جي پرنسپال کي 24 ڪلاڪن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيوآهي، سانگھڙ نرسنگ ڪاليج جي انچارج پرنسپال اشوڪ ڪمار جو چوڻ آهي ته عنبرين رڳو اٺ مهينن کان غير حاضر آهي، جڏهن ته باخبر ذريعن موجب، هوءَ ٻن سالن کان نه صرف ڊيوٽي تان غير حاضر آهي، پر ملڪ کان ٻاهر به ٻڌائي پئي وڃي، ان جي باوجود، سندس نالي تي هر مهيني پگهار جاري ٿي رهي آهي،وڌيڪ جاچ دوران اهو پڻ سامهون آيو آهي ته فيميل نرسنگ ڪاليج سانگھڙ ۾ ڪيترن ئي شين جي جي خريداريءَ جا مبينا جعلي بل پاس ڪرايا ويا آهن، جڏهن ته اهي شيون خريد ئي نه ڪيون ويون آهن،  انهن الزامن سبب نرسنگ ڪاليج جي انتظاميه ۾ ڦڙڦوٽ پئجي وئي  آهي،اطلاع آهن ته پرنسپال اشوڪ ڪمار به پنهنجي بدلي ڪرائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي،ياد رهي ته ان کان اڳ وائيس پرنسپال نگهت آرائين جي مبينا آڊيو وائرل ٿي هئي، جنهن ۾ کيس شاگردياڻين کان رشوت گهرندي ٻڌو ويو هو، انهيءَ بنياد تي کيس عهدي تان هٽائي معطل ڪيو ويو ھو .

لاڳاپيل پوسٽون

  • رستم واسي نوجوان جو ڪراچي جي ايڌي سينٽر مان لاش هٿ

  • اداڪارا حميرا اصغر جو پوسٽ مارٽم، فليٽ جي به مسواڙ نه ڏنل هئي

  • لاڙڪاڻي جي ايڌي پينگهي ۾ حوا جي ڌيءَ جي آمد

  • اڇڙي ٿر واسي اغوا، زنجيرن ۾ قيد واري وڊيو وائرل، هڪ ڪروڙ ڀنگ طلب