سانگهڙ مان 3 کٿابي گم، وارث پريشان
جُون 18, 2025
سانگهڙ(پنهنجي ڊيسڪ) سانگهڙ جي مدرسي ۾ پڙهندڙ مياڻ واسي 3 کٿابي نينگر پراسرار نموني گم، وارث پريشان آهن، سندس چوڻ آهي ته 7 ورهين جو ابراهيم ملاح، 8 ورهين جو طاهر ملاح ۽ 10ورهين جو ساجد ملاح مدرسي ۾ تعليم پرائيندا آهن.
وارثن جو چوڻ احي ته ٽئي نينگر گذريل ڏينهن کان گم آهن، اسان مٽن مائٽن کان به پڇا ڪئي آهي پر ڪو به پتو پئجي ناهي سگهيو، انهن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته سندن ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي