| سانگهڙ: هوٽل تي پورهيو ڪندڙ اڌڙوٽ جو لاش هٿ: تشدد: وارثن جو مالڪن تي الزام |
سانگهڙ (رپورٽر) سانگهڙ جي هوٽل تي پورهيو ڪندڙ اڌڙوٽ جو لاش هٿ، تشدد: وارثن پاران مالڪن تي الزام، ان ڏس ۾ ڳوٺ لانڍي جو رهواسي پورهيت علي شير عمراڻي شهر جي مشهور ‘دعا سلاطين هوٽل’ تي مزدوري ڪري گهر جو گاڏو هلائيندو هو، سندس لاش هوٽل ويجهو هٿ آيو. مقتول جي جسم تي ڌڪن جا نشان هئا، سندس ٻانهن پڻ ٽٽل هئي. مقتول علي شير جي وارثن لاش سان گڏ احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته علي شير کي هوٽل مالڪن بيگناهه تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪيو آهي. مقتول کي مارڻ کان پوءِ جوابدار لاش اسپتال ۾ اڇلائي فرار ٿي ويا، بعد ۾ اسان کي اطلاع ڏنو ويو. هوٽل ۾ سي سي ٽي وي (CCTV) ڪيميرائون لڳل آهن، پوليس فوٽيج حاصل ڪرڻ ۽ معاملي جي جاچ ڪرڻ لاءِ ڪو به تعاون نه پئي ڪري. ٻئي پاسي هوٽل مالڪ فضل پٺاڻ قتل جي الزام کي رد ڪندي ٻڌايو ته علي شير عمراڻي سندن ملازم نه هو. اسان کي جڏهن مزدور جي ضرورت پوندي هئي ته کيس مزدوري تي لڳائيندا هياسين، رات دير سان اسان کي ڪنهن ماڻهوءَ اطلاع ڏنو ته علي شير عمراڻي هوٽل پويان روڊ تي زخمي حالت ۾ پيل آهي، اسان کيس اسپتال پهچايو