| سانگهڙ: هوٽل مالڪن جو مختيارڪارکي ڪٽڪو: وڊيو وائرل |
سانگهڙ (رپورٽ: سارنگ وساڻ) سانگهڙ ۾ هوٽل مالڪن جو مختيارڪارکي ڪٽڪو: ڪپڙا ليڙون ليڙون، وڊيو وائرل، ان ڏس ۾ سانگهڙ ۾ حيدرآباد روڊ تي واقع هوٽل جي مالڪن مختيارڪار ياسين چانڊيو کي مارڪٽ ڪرڻ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ياسين چانڊئي پاران تعارف ڪرائڻ بعد پوليس کيس آزاد ڪري ڇڏيو، هوٽل مالڪن جو چوڻ هو ته مختيارڪار بنا پئسن جي کاڌو گهريو ۽ بدتميزي ڪئي، جنهن تان کيس تشدد جو نشانو بڻيو، جڏهن ته مختيارڪار ياسين چانڊئي اهڙن الزامن کي رد ڪندي دعويٰ ڪئي ته ڪجهه نامعلوم ماڻهن سندس گاڏي روڪي مٿس حملو ڪيو هو هن چيو ته جنهن هنڌ جو ذڪر ڪيو پيو وڃي، اهو هوٽل نه پر انڪروچمينٽ تي قائم چانهه جو دڪان آهي، جيڪو رات دير جو بند رهندو آهي. هن چيو ته هو رات دير سان پنهنجي گهران شهر طرف اچي رهيو هو ته ڪجهه نامعلوم ماڻهن سندس گاڏي جو پيڇو ڪيو، ڄاڻايل هنڌ تي گاڏي روڪرائي کيس هيٺ لاهي تشدد جو نشانو بڻايو. مختيارڪار وڌيڪ چيو ته هو جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرائيندو.پوليس ذريعن موجب مختيارڪار ۽ هوٽل مالڪن وچ ۾ ٺاهه ٿي چڪو آهي، جنهن سبب ٻنهي ڌرين ٿاڻي تي اين سي يا ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ رابطو ناهي ڪيو.