سانگهڙ: هٿياربندن جي فائرنگ: نوجوان زخمي: هڙتال ڪوشش: 12 ڄڻا گرفتار

سانگهڙ: هٿياربندن جي فائرنگ: نوجوان زخمي: هڙتال ڪوشش: 12 ڄڻا گرفتار

سانگھڙ (رپورٽ: سارنگ وساڻ) سانگهڙ لڳ هٿياربندن جي فائرنگ ۾نوجوان زخمي، مري برادري پاران شهر بند ڪرائڻ  جي ڪوشش: پوليس 12 کان وڌيڪ نوجوان گرفتار ڪري ورتا، ان ڏس ۾ سانگھڙ جي حيدرآباد روڊ تي غلام قادر مري ڳوٺ وٽ  هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان مير علي مري کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، اهي کانئس موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا. زخمي نوجوان کي فوري طور تي سول اسپتال سانگھڙ آندو ويو، جتي ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد کيس نوابشاهه ريفر ڪيو ويو، انهي  واقعي کانپوءِ علائقي ۾ هراس پکڙجي ويو، ٻئي طرف مري برادري جي نوجوانن شهر ۾ احتجاج ڪندي ڪاروبار بند ڪرائي ڇڏيو ، انهي دوران پوليس اٽالن پهچي  هڪ درجن کان وڌيڪ نوجوانن کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو، پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ ۽ شهر جو امن خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي،