سانگهڙ: پ پ پاران 53 فنڪشنل ليگين خلاف ڪيس داخل: ثابت ڪريو، گرفتاريون ڏبيون: فنڪشنل ليگ   

سانگهڙ: پ پ پاران 53 فنڪشنل ليگين خلاف ڪيس داخل: ثابت ڪريو، گرفتاريون ڏبيون: فنڪشنل ليگ   

سانگهڙ (رپورٽ: سارنگ وساڻ) پ پ پاران فنڪشنل ليگ جي 53 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل، فنڪشل ليگ  پاران الزام رد، ان ڏس ۾ پيپلز پارٽي سانگهڙ سٽي جي صدر غلام حيدر پنھور فنڪشنل ليگ جي 13 نامزد ۽ 50 نامعلوم ڪارڪنن خلاف جهنڊا ۽ بينر لاھڻ، پارٽي قيادت جي تصويرن جي بيحرمتي ۽ فائرنگ ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرايو آهي. داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ محسن هنڱورجو، اصغر مري، حاجي ناظر نظاماڻي، مدد علي نظاماڻي، عابد نظاماڻي، بچل ڌاريجو، سيف الله مغل، عرفان نظاماڻي، عبدالرحمان مڱريو، اصغر مڱريو، شھزاد خاصخيلي کي نامزد ڪري 50 ڄڻن کي نامعلوم ڄاڻايو ويو آهي، فريادي موجب گذريل رات پير صاحب پاڳاري جي فرزند راشد شاهه راشدي جي سانگهڙ آمد جي موقعي تي فنڪشنل ليگ ۽ حُر جماعت پاران استقباليه ڪيمپ لڳائي وئي هئي، جنهن دوران ڪيمپ اڳيان چوڪ تي لڳل پيپلز پارٽي جي قيادت جا پوسٽر ڦاڙيا ويا، جهنڊا لاٿا ويا،  روڪڻ تي فائرنگ پڻ ڪئي وئي، ٻئي پاسي فنڪشنل ليگ جي اڳواڻن الزامن کي  رد ڪندي داخل ڪيس کي سياسي انتقام قرار ڏنو آهي. فنڪشنل ليگ سنڌ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري وقار جٽ جو چوڻ هو ته فنڪشنل ليگ راشد شاهه راشدي جي آجيان لاءِ استقباليه ڪيمپ لڳائي هئي، جڏهن ته مٿي لڳل جهنڊا لوڊ ٿيل ٽرڪن ۾ اٽڪي ڪري پيا، جنهن کي غلط رنگ ڏنو ويو آهي.وقار جٽ جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي بوکلاھٽ جو شڪار ٿي چڪي آهي، اها پنهنجي خلاف اٿندڙ سياسي آواز کي برداشت نٿي ڪري سگهي. هن چيو ته سياسي اختلاف رکندڙن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا وڃن ٿا، جنهن جو مثال مرتضيٰ جتوئي خلاف داخل ڪيل ڪيس آهن. فنڪشنل ليگ اڳواڻ موجب چوڪ ۽ ڀرپاسي ۾ سي سي ٽي وي ڪيميرائون لڳل آهن، جيڪڏهن اهو ثابت ڪيو وڃي ته فنڪشنل ليگ جي ڪنهن ڪارڪن وٽ هٿيار يا لٺ به هئي ته اهي پاڻ گرفتاريون ڏيڻ لاءِ تيار آهن.