سانگهڙ ۾ شازيه مري جي رستا روڪ: پاڳاري جي مريدن سوڌو 150 ماڻهن تي ڪيس داخل

جنوري 10, 2024

سانگهڙ (رپورٽر) پير پاڳاري جي مريدن ۽ عقيدت مندن 17 مردن ٽن عورتن ۽ 100 کان 150 نامعلوم ماڻهن تي سانگهڙ ٿاڻي تي  سرڪاري جي فرياد تي  ايف آئي آر داخل جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نامعلوم ماڻهن ۾ عورتن جو تعداد وڌيڪ هيو، ايف آءِ آر ۾  اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته غير قانوني روڊ بند ۽ قانون ۾ دخل اندازي ڪئي وئي آهي  ايف آئي آر ۾ عبدالغفار نظاماڻي، عابد علي نظاماڻي، مدد علي، وريام خاصخيلي، اميد علي، علي رضا، ننگر وساڻ، ڪاشف محمود نظاماڻي، رونجهو خاصخيلي، بهادر، جمعو، شاهجهان نظاماڻي، ڪاظم، معشوق ، عورتن جنت نظاماڻي، خيري نظاماڻي ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ياد رهي ته گذريل رات پير سائين پاڳاري جي مريدن طرفان پير سائين پاڳاري جي ٿلهي شريف تي احتجاج ڪيو هو ۽ چيو ته پير صاحب جو ٿلهو اسان جي احترام وارو هنڌ آهي، جنهن پاسي اسان شازيه مري کي وڃڻ نه ڏينداسين.

Leave A Comment